جسقم ملير جو شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاج

رزاق آباد جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو

جسقم ملير جو شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي گرفتاري ۽ زوري گمشدگي خلاف جسقم ملير طرفان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا رزاق آباد جي مک چوڪ تان شروع ٿي ۽ عوامي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي۔احتجاجي ريلي جي اڳواڻي جسقم ملير جو نائب صدر مرضي جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري مشتاق زهراڻي، ممتاز مري، سعيد گاڏهي ۽ شعيب گڏاڻي ڪري رهيا هئا ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پليڪارڊ هئا جن تي غني امان چانڊيو کي آزاد ڪيو۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري ظاهر ڪيو. جا نعرا لکيل هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته غني امان چانڊيو هڪ پرامن شاگرد اڳواڻ آهي جنهن کي اسپتال ۾ پنهنجي گهر واري جي علاج دوران زوري کنڀي گم ڪيو ويو جيڪو انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي آهي۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جيڪي جمهوري قدرن ۽ قانوني اصولن جي ابتڙ آهن۔ هنن مطالبو ڪيو ته غني امان چانڊيو کي فوري طور ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن خلاف اهڙين ڪارروائين کي روڪيو وڃي۔احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن گرفتار شاگرد اڳواڻ کي جلد ظاهر نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو۔