انساني اسمگلنگ، جبري پورهيو ۽ ٻارن جو پورهيو سنگين ڏوهه آهن: غلام دستگير شيخ

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو غلام دستگير شيخ جي صدارت هيٺ ضلعي ويجيلنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو

انساني اسمگلنگ، جبري پورهيو ۽ ٻارن جو پورهيو سنگين ڏوهه آهن: غلام دستگير شيخ

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) انساني اسمگلنگ، جبري پورهيو ۽ ٻارن جي پورهيو سنگين ڏوهه آهن جن کي حل ڪرڻ انتھائي ضروري آھي. اھڙين ڳالھين جو اظهار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو غلام دستگير شيخ ضلعي ويجيلنس ڪميٽي، جبري پورهئي جي روڪٿام، ٻارن جي پورهئي ۽ انساني سمگلنگ جو جائزو وٺڻ بابت گڏيل اجلاسن جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻين ۾ انساني سمگلنگ جي روڪٿام ۽ نگراني، ٻارن جي پورهئي ۽ جبري پورهئي جي خاتمي سان لاڳاپيل اهم معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ليبر ڊپارٽمينٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي مان ٻارن جي پورهئي جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته سرن جي بٺن تي مزدوري ڪندڙن کي حڪومت پاران متعارف ڪرايل گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي فراھمي کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي. بعد ۾ بين المذاهب هم آهنگي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ چيو ته اسلام امن ۽ هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ محبت ۽ صبر جو درس ڏئي ٿو، ٺٽو ضلعو هميشه امن ۽ امان جي لحاظ کان پرامن ضلعو رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به اسان سڀني کي هن ضلعي ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اقليتي برادري کي به ٻين پاڪستانين وانگر هن ملڪ ۾ آزاديءَ سان رهڻ جو پورو حق آهي. هن چيو ته وسيع قومي مفاد ۾ اثرائتي امن ۽ امان لاءِ بين المذاهب هم آهنگي اهم آهي، ان کي حاصل ڪرڻ سان ئي امن پسند عنصرن جي ارادن کي ڪچلي سماج ۾ امن قائم ڪرڻ ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. هن سمورن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي سماج ۾ صبر ۽ برداشت کي فروغ ڏين ۽ منبر ۽ محراب مان امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام پکيڙين. هن لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اقليتي برادري جي عبادتگاهن ۾ خاص طور تي مذهبي تهوارن جي موقعي تي صفائي ۽ ٻيا ضروري انتظام يقيني بڻايا وڃن. ان موقعي تي اقليتي برادري جي اڳواڻن درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته اهي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن، ضلعي انتظاميه انهن جي تحفظ ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هميشه موجود آهي.