نوشهروفيروز ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

غني امان چانڊيو کي ڪراچي جي اسپتال مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي، کيس بنا دير آزاد ڪيو وڃي: اڳواڻ

نوشهروفيروز ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

نوشھروفيروز (ڊ ر) ڪراچي اسپتال مان کنڀي گم ڪيل نوجوان غني امان چانڊيو سميت ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جيئي سنڌ تحريڪ سورھ سنڌي پاران اڳواڻن اختر آزاد سولنگي، صابر سومرو، آذان وسطڙو چڀڙ وسطڙو درياء خان وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ۾ شامل ڪارڪنن ۽ پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان جي بازيابي لاء زوردار نعريبازي ڪئي هنن چيو ته شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو کي ڪراچي جي اسپتال مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي جڏھن ته نوجوان غني امان چانڊيو جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ پنھنجن معصوم ٻارڙن جي اعلاج لاء ويل ھو جنھن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ انتھائي ظلم آھي هنن چيو تہ سنڌ اندر نوجوان شاگرد اڳواڻن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ جبري گمشدگي ۾ تيزي اچي وئي آھي سنڌ اندر مسلسل انساني حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي اسين اھڙي عمل جي مذمت ڪيون ٿا هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي سميت کنڀي گم ڪيل سمورن قومي، ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي اگر 24 ڪلاڪن اندر نوجوان غني امان چانڊيو بازياب نه ٿي سگھيو ته پوري سنڌ جا رستا بند ڪيا ويندا