عمرڪوٽ ۾ ايم اين اي نيلم ڪُماري پاران وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي سالگرهه ملهائي وئي

عمرڪوٽ ۾ ايم اين اي نيلم ڪُماري پاران وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي سالگرهه ملهائي وئي

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مخصوص نشست تي ايم اين اي نيلم ڪُماري طرفان محترمه مريم نواز جي سالگرهه جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ مريم نواز صاحبہ کي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني وئي، ان موقعي تي نيلم ڪُماري چيو ته اسان اڄ پنهنجي قائد ميان محمد نواز شريف جي ڌيءَ محترمه مريم نواز جي سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، جيڪا نه صرف پاڪستان جي سياست ۾ هڪ باوقار مقام رکي ٿي، پر پنهنجي قيادت، فهم، فراست ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان دلين ۾ جاءِ ٺاهي چڪي آهي، اُنهن وڌيڪ چيو ته مريم نواز جي جدوجهد، حوصلي ۽ وژن نوجوان نسل لاءِ مشعلِ راهه آهن۔ پنجاب جي ترقي، عورتن جي خودمختياري ۽ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ مريم نواز جون ڪوششون قابلِ تعريف آهن، آخر ۾ ايم اين اي نيلم ڪُماري دعا گهري ته الله تعاليٰ محترمه مريم نواز کي صحت، ڪاميابي ۽ خوشين سان ڀرپور زندگي عطا فرمائي۔