English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي بندش خلاف علامتي بک هڙتال
144 views
|
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
حديدين سٽيزن ايڪشن ڪميٽي طرفان علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رهواسي ڊگهي عرصي کان پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن۔ هن سنگين مسئلي خلاف مختلف نقطئه نظر رکندڙ ماڻهن جي نمائنده تنظيم حديدين سٽيزن ايڪشن ڪميٽي پاران علامتي بک هڙتالي ڪيمپ سنڌو چوڪ وٽ شروع ڪئي وئي آهي ان سلسلي م منتظمين جو چوڻ آهي ته هي احتجاج پاڻي جي بندش، ٽينڪر مافيا جي اجاراداري خلاف جدوجهد ۽ ناقص بورنگ سسٽم کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي۔ شهريّن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو پاڻي جي خالي ٿانون سان گڏ ڪيمپ ۾ شرڪت ڪن ته جيئن انتظاميا تائين پنهنجو احتجاج پرامن پر اثرائتي نموني پهچائي سگهجي۔منتظمين جو چوڻ آهي ته گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رھواسي ڊگهي عرصي کان واٽر سپلائي جي بندش کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب ماڻهو مسجدن مان پاڻي ڀرڻ ۽ ٽٽل لائينن مان پاڻي گڏ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن۔حديدين سٽيزن ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته هي جدوجهد ڪنهن هڪ طبقي جي نه پر سڄي علائقي جي گڏيل مسئلي جي آواز آهي۔ ڪيمپ جي پهرين ڏينهن وڪيلن، علمن، واپارين، دوڪاندارن، سماجي ڪارڪنن ۽ عام شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي حقن جي لاءِ نعره بازي ڪئي۔رهنمائن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي جو ماڻهو پنهنجا مسئلا لڪائڻ بدران گڏجي جدوجهد ڪن ته جيئن علائقي کي ٽينڪر مافيا ۽ ناقص پاڻي نظام کان نجات ملي سگهي۔احتجاجي ڪيمپ جي منتظمين وڌيڪ ٻڌايو ته هي احتجاج سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي به اجاگر ڪيو ويندو، جيئن حڪام تائين عوامي مسئلن جي شدت پهچي سگهي۔ علائقي جي ماڻهن پڻ هن احتجاجي قدم جي پوري حمايت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن فوري طور تي قدم نه کنيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون
0 تبصرے