پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي مرڪزي چيئرمين ۽ ٻين پاران عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو

پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جو مرڪزي چيئرمين دانش چنا، ڪراچي جو صدر حسين مگسي ۽ جبار خاصخيلي عوامي پريس ڪلب پهتا

پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي مرڪزي چيئرمين ۽ ٻين پاران عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي جي مرڪزي چيئرمين دانش چنا ۽ ڪراچي جي صدر حسين مگسي ۽ جبار خاصخيلي عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو ڪيو، جتي هنن صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ پريس ڪلب جي عهديدارن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال بابت پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ قانون، انصاف، تعليم ۽ صحت سميت بنيادي انساني حقن ۽ سهولتن جو سخت بحران آهي انهن چيو ته پارليامينٽ ۾ ويٺل سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا چونڊيل نمائندا عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران صرف تقريرن ۽ لفاظي سان وقت گذاري رهيا آهن، جنهن سبب عوام ۾ ڪاوڙ ، غصو ۽ مايوسي وڌي رهي آهي۔دانش چنا چيو ته ملڪ جي مسئلن جو واحد حل نظامِ مصطفیٰ جي نفاذ ۾ لڪل آهي۔ ڪنزرويٽو پارٽي اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ۽ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال به ڪئي، جنهن سان ڪيترائي مسئلا اجاگر ٿيا، پر جدوجهد اڄ تائين جاري آهي هن وڌيڪ چيو ته هي جدوجهد جبر، ناانصافي ۽ استحصالي نظام خلاف آهي۔ اسان جو مقصد اقتدار حاصل ڪرڻ نه پر عوام کي انصاف، برابري ۽ بنيادي حق دلائڻ آهي پارٽي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن، مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهوءَ جي زندگي کي اجيرن بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن⁠ته حڪمران طبقا پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ قوم کي ورهائي رهيا آهن۔ وقت اچي ويو آهي ته عوام پاڻ پنهنجو فيصلو ڪري، ڇو⁠تہ هي ملڪ ڪنهن شخص يا خاندان جي ملڪيت نه پر 24 ڪروڙ ماڻهن جي امانت آهي هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنزرويٽو پارٽي عوامي طاقت تي يقين رکي ٿي، ۽ هر شهر، ڳوٺ ۽ وسندي ۾ پنهنجي تنظيم کي منظم ڪري رهي آهي ته جيئن هڪ نئين سياسي سوچ ۽ ايماندار قيادت کي اڳتي آڻي سگهجي آخر ۾ دانش چنا ۽ حسين مگسي چيو ته ميڊيا معاشري جو آئينو آهي ۽ صحافين جي آزادي جمهوريت جي بقا لاءِ لازمي آهي۔ هنن عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين جي خدمتن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ميڊيا حق ۽ سچ جي حمايت جاري رکندي۔