English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قيو اي ٽي پاران پيادل مارچ
179 views
|
26th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
افغانين جي نيڪالي لاءِ، سارين جي گهٽ اگهه ۽ بدامني خلاف ڌرڻو
حيدرآباد(بيورو)سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ غير قانوني افغانين کي نيڪال نہ ڪرڻ، سارين جو اگھ گھٽائڻ، عورتن جي قتل، ڪاروڪاري ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف قاسم آباد حيدرآباد جي علائقي لنڊن ٽائون کان پيادل مارچ علي ڪري پيلس چوڪ، نسيم نگر چوڪ، واڌو واھ کان ٿيندو پڪوڙا چوڪ تي پھتو جتي ڌرڻو هنيو ويو. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، زاھده ڏاھري، نصرت خاصخيلي، امير زادي برھماڻي، شھربانو راھوجو، شازيہ احمداڻي، صبا سمون، زرينه بلوچ، نذيران مجدد قريشي، عزيزان نوناري، جميلان لغاري، ميڻي ڪولھي، راحيلا لاڙڪ، نسيم گورچاڻي، عائشا لاڙڪ، تبسم ترڪ، ماروي خاصخيلي، فضا ملاح، ھميرہ اختر، بختاور چنڊ، شائسته ابڙو، بختاور خاصخيلي، زرينہ ڇلگري، مرڪ خاصخيلي، تنزيلا ساند, عاليہ بروھي, سنجيھا لغاري ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، معشوق چانڊيو، زاھد ڀنڀرو، حسين درس، رازو ڪولھي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. مارچ کي خطاب قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ ٽن صوبن مان غير قانوني افغانين کي پڪڙي واپس پنھنجي ملڪ موڪليو پيو وڃي پر سنڌ حڪومت جا وزير، وڏيرا ۽ پوليس غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران انھن تحفظ ڏئي رھيا آھن. سنڌ حڪومت صرف ڏيکاء خاطر غير قانوني افغانين جي نيڪالي جا لفظي بيان ڏئي رھي آھي، عملي طور ڪو بہ ايڪشن ناھي. ڪراچي ۾ افغان بستي کانسواءِ سڄي ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين جون بستيون آھن، حيدرآباد، نواب شاھ، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، ڄامشورو سميت سمورن ضلعن ۾ غير قانوني افغاني پکڙيل آھن، اتي ڪو بہ ايڪشن نہ ٿيو آھي. پوليس غير قانوني افغانين کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ سارين جو اگھ گھٽائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو تہ سارين جو اگھ 4000 ھزار روپيا مقرر ڪري سنڌ حڪومت خريداري مرڪز قائم ڪري. سارين جو اگھ گھٽائڻ ۾ صوبائي وزير، ڊپٽي ڪمشنر، ڪارخانيدار ۽ واپاري ملوث آھن. واپارين ۽ ڪارخانيدارن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صوبائي وزير کي ڪروڙين روپيا ڀتو ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيو آھي. جنھنڪري سنڌ حڪومت اگھ مقرر نٿي ڪري ۽ خريداري سينٽر قائم نٿي ڪري. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر زاھدھ ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي عورتن ۽ نياڻين جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. ڪاروڪاري، سڱ چٽي ۽ ٻين قبيلائي رسمن ذريعي عورتن جي زندگي جھنم بنائي وئي آھي. ننڍي عمر جي نياڻين جو زبردستي مذھب تبديل ڪري انھن جون شاديون ڪيون وڃن ٿيون، جيڪو عمل غير قانوني ۽ غير شرعي آھي. سردار، جاگيردار، وڏيرا عورتن ۽ انساني حقن جون روز پائماليون ڪن ٿا پر عدليہ، پارليامينٽ ۽ پوليس خاموش تماشائي رھي ٿي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فضا ملاح خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ عورتن تي تشدد، قتل، سڱ چٽين ۽ جرڳن ۾ ملوث ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڏوھاري کلي عام ماڻھو اغوا، ڦرون، ڌاڙا ۽ قتل ڪري رھيا آھن. سڄي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آھي. منشيات جا اڏا قائم لڳا پيا آھن. نوجوانن کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي. ڌرڻي ۾ مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏني وڃي. سارين جو اگھ 4000 ھزار روپيا مقرر ڪري خريداري سينٽر قائم ڪيا وڃن. عورتن کي قتل ۽ ڪاروڪاري جا الزام ھڻندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري کير سخت سزا ڏني وڃي. ننڍي عمر جي نياڻين جو جبري مذھب تبديل ڪري زبردستي شاديون ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري نياڻيون واپس وارثن حوالي ڪيون وڃن. ڌاڙن، ڦرن، منشيات ٻين ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ غير
0 تبصرے