English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ پنهنجي درياھ، زمينن، سمنڊ، ٻيلن، جبلن، وسيلن لاءِ وڙھندي، نوڪريون وڪڻڻ، نوان ڪينال ٺاھڻ وارو عمل غيرقانوني آهي: اياز لطيف پليجو
views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف پيادل مارچ ۽ جلسو
ڳڙھي خيرو(رپورٽر) ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي ،ڪرپشن، بدامني لاقانونيت، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف ھزارين ماڻھن جي محبت سنڌ پيادل مارچ ڪري شھر جو گشت ڪرڻ بعد ٽائون آفيس آڏو جلسي عام ڪيو ويو. قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو ڳڙھي خيرو پھچڻ تي شھرين، واپارين ۽ سياسي سماجي ماڻھن گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ۽ اجرڪون اوڍايون. جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پنهنجي درياھ، زمينن، سمنڊ، ٻيلن، جبلن، وسيلن لاءِ وڙھندي. نوڪريون وڪڻڻ، نوان ڪينال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ غير قانوني عمل آهن. سارين جو اگھ گھٽائي ۽ ناجائز ڪٽوتي ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. زرعي پروجيڪٽن جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ پاڻي تي قبضا سنڌ جا ماڻهو برداشت نہ ڪندا. سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ بدران تحفظ ڏئي رھي آھي. زمينن تي قبضا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سان سنڌ تباھ ٿي ويندي. مفاد پرست حڪمرانن سنڌ کي ڏوهن ۽ قبائليت جي حوالن ڪيو آهي. ڪابہ اهڙي ترميم قبول نہ ڪئي ويندي جيڪا سنڌ جي وحدت تي حملو هجي، وفاق ۽ سنڌ جا حڪمران عارضي مفادن خاطر فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ بند ڪن. حڪمران صوبي اندر تفرقا ۽ ٽڪراء پيدا ڪري اهم مسئلن تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سندھ کي ڪرپشن، سرداري نظام، شدت پسندي، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ سختي سان نہ پر برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان امن چاهي ٿو ۽ دنيا جي ماڻهن سان گڏ هلڻ چاهي ٿو. ترقي جي عمل ۾ سڄي دنيا جي شرڪت کانسواءِ نتيجا ممڪن نہ آهن. ملڪ ۾ عدم استحڪام سان دشمن طاقتون فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪنديون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سارين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائڻ خلاف آبادگار ۽ ھاري پرامن جدوجھد جي ميدان تي اچن. خاموش رھڻ سان مسئلا حل نہ ٿيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جون شڪايتون نٿا ٻڌن. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. ڳوٺن ۽ ڪچي آبادين ۾ غريبن وٽ هڪ وقت جي ماني جا بہ پئسا ناھن. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عورتون، اقليتون ۽ ٻار غير محفوظ آهن. سنڌ ۾ ھر روز ميرٽ جو جنازو ڪڍيو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ چونڊون پليٽ ۾ سينگاري پيپلز پارٽي ۽ ٻين جماعتن کي ڏنيون ويون. سندھ جا ماڻهو ڪيترن ڏهاڪن کان پنهنجا حقيقي نمائندا چونڊي نہ سگهيا آهن. اقتداري پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي. اھي پاڻ خود احتسابي ڪن. سردارن ۽ وڏيرن ڇوڪرين جي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. سندھ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڏوھن ۽ غيرقانوني پناهگيرن جو مسئلو انتهائي وڏو بڻجي چڪو آهي. وفاق ۽ سنڌ جون حڪومتون سنڌ جي وسيلن ۽ معدنيات کي لٽڻ بند ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ زرداري صاحب دنيا فاني آھي، ھي کربين رپيا، مال ملڪيتون سڀ اتي ئي رھجي ويندا، اصل ڳالھ اھا آھي تہ قوم ۽ وطن اوھان کي ڪيئن ياد رکندا؟ وطن ۽ قوم وڪڻي دولت جا انبار جمع ڪرڻ وارا وقت جا ڪرپٽ حڪمرانو وزير ڪرپٽ آفيسر ۽ انھن جا چمچا ڪجھ شرم ڪيو.اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان سنڌ جي حقن لاءِ سڄي پاڪستان جي درن تي دستڪ ڏئي رهيا آهيون. اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت چاهيون ٿا سنڌ جا هاري ۽ مزدور بيروزگار آهن، سندن ٻار تعليم کان محروم آهن سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ آهي سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين.ايازلطيف پليجي چيو تہ سينيٽ کي عوام جو حقيقي نمائندو ۽ طاقتور فورم بڻائڻ جي ضرورت آهي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي جو بحران آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سمجهي ٿي تہ اسان وفاق سان سنڌ جو سودو ڪيو آهي تہ سنڌ خاموش رهندي ۽ سر نگون رهندي۔ پيپلزپارٽي کي سمجهڻ کپي سنڌ پنهنجي پاڻي جو هڪ ڦڙو ۽ زمين جو ٽڪرو بہ وفاق کي ڏيڻ نہ ڏيندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشہ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.انھن کي دٻائڻ لاء مھرا پاليا ويا آھن۔ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نہ ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن. مھانگائي، بيروزگاري، لاقانونيت، ڪرپشن، وسيلن جي نيلامي، ميرٽ جو قتل وڏا مسئلا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاء مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻھن سان غداري ڪئي وئي آھي. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي عوام کي فقير بنايو ويو آھي. ھاري، پورھيت ۽ غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. ڪروڙين ماڻھو بنيادي انساني حقن ۽ سھولتن کان محروم آھن. اقتداري وڏيرا ۽ وزير عوام جي وسيلن کي لٽي رھيا آھن ۽ قابض آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شفاف چونڊون ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگھن ٿيون. زبردستي مسلط ڪيل حڪمران عوام لاءِ سوچڻ بدران صرف اقتداري ۽ ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪن ٿا، جنھن ڪري اسين مسئلن ۾ جڪڙيل آھيون. مھانگائي، بيروزگاري، بک، بدحالي ۽ محرومي عوام جا مقدر بنايا ويا آھن. ماڻھو تعليم جي حق کان محروم آھن. صحت ۽ بھتر علاج کان محروم آھن. امن امان خواب بڻيل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نگران حڪومت عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏئي. شفاف چونڊون يقيني بنائڻ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪيو وڃي. ان موقعي تي جلسي عام کي قومي عوامي تحريڪ مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، جاويد جمالي، شوڪت تنيو، فرحان لاڙڪ، اڪبر خاصخيلي، حسين سنڌي، سڪندر لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسٽيل ملز ملازمن جا وکري ويل خواب ۽ زوال جو شڪار اجڙي ويل گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا رھواسي ..!!
23rd Oct 2025
•
سندھ
سلمان اکرم راجہ سے رانا محمد اعظم کی ملاقات،سیاسی و تنظیمی امور پر تبادلہ خیال
23rd Oct 2025
•
دنیا
صدر ڈونلڈ ٹرمپ نے خبردار کیا ہے کہ اگر اسرائیل نے مقبوضہ مغربی کنارے کو ضم کرنے کی کوشش کی تو وہ امریکا کی حمایت سے ہاتھ دھو بیٹھے گا۔
23rd Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سندھ میں ڈینگی اور وائرسز کا بڑھتا حملہ......
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڳڙھي خيرو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو
0 تبصرے