English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ به ايڪتا ڏهاڙو شاندار نموني ملهايو ويو، ريليون ۽ تقريبون منعقد
157 views
|
07th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ايڪتا ڏهاڙي جي مک تقريب ڏوڪري پريس ڪلب تي ٿي، ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر ۽ ٻين جي شرڪت
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ سنڌي ميڊيا جي 7 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڏوڪري پريس ڪلب، نوجوان سماجي اتحاد، جسقم سميت سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين طرفان سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريليون ڪڍيون ويون. ڏوڪري ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي مناسبت سان مکيا تقريب ڏوڪري پريس ڪلب طرفان ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، عبدالقدير جيسر، فرحان ميراڻي، بشير سولنگي، ارشاد ٻگھيو، رڪ سنڌي، سيد جمن شاھ، قاضي بلاول، ظھير بسمل سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ثقافت ھزارين سال قديم آھن، سنڌو ماٿري ئي ننڍي کنڊ جي تھذيبن جي ماءُ آھي، زندہ قومون پنهنجي ثقافت سان بي انتھا محبت ڪنديون آھن، پاڪستان سنڌو ماٿري جي تھذيب جي بنياد تي وجود ۾ آيل آھي، جنھن ۾ چارئي صوبا سنڌو سڀيتا جو عڪس آھن. مکيه تقريب ۾ مبارڪ چانڊيو، اصغر سمون قومي گيت ڳائي شھرين کي جهومائي ڇڏيو. ٻئي طرف جسقم، سنڌي ادبي سنگت، نوجوان سماجي اتحاد پاران رڪ سنڌي، ارشاد کوهارو،ارشاد ٻگھيو،خورشيد ٻگهيو،عمير جوڻيجو،ظهير بسمل جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ثقافتي ريليون ڪڍيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري ۾ به ايڪتا ڏهاڙو ش
سنڌ جي ثقافت ھزارين سال قديم آھن
0 تبصرے