English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل، واپاري جي گهر مان ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو
152 views
|
05th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٻن ڄڻن کي عورتاڻو لباس پهريل هو، هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ويو: شبير ميمڻ
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽي شھر جي واريا محلي ۾ ڏينهن ڏٺي نامعلوم هٿياربندن جي ڦر جي وڏي واردات، واپاري شبير ميمڻ جي گهر مان روڪ رقم ۽ سون ڦر ، واقعي وقت گهر جا مرد جمعي جي نماز لاءِ ويل هئا، جنهن جو جوابدارن مڪمل فائدو وٺندي واردات ڪئي.تفصيل موجب ٻٽ ٻڌل چار هٿياربند شبير ميمڻ جي گهر ۾ داخل ٿي تقريبن 3 لک روڪ رقم، 3 تولا سون ۽ هڪ ٽچ موبائل فون ڦر ڪري بغير مزاحمت جي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. مليل ڄاڻ موجب ڦوروئن مان ٻن کي عورتاڻو برقعو پاتل ھو ۽ ٻن کي ٻٽ ٻڌل ھو ، جڏهن ته جوابدار هڪ 125 موٽر سائيڪل ۽ هڪ چائنا موٽر سائيڪل تي سوار ٿي آيا ھئا .ياد رهي ته شبير ميمڻ ٺٽي جي مشهور واپاري عبدالرحمان ميمڻ جو ڀاءُ آهي. واقعي دوران گهر ۾ صرف هڪ عورت ۽ ٻه ننڍا ٻار موجود هئا، جن خوفزده ٿي سون ۽ روڪ رقم ڦوروئن حوالي ڪري ڇڏي.شهر جي سياسي ، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڌندڙ ڦرن ۽ چورين جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٺٽو پوليس جي رِٽ مسلسل ڪمزور ٿي رهي آهي، جنهن سبب شهر جا ماڻهو ھاڻي پنهنجي گهرن اندر به محفوظ ناھن ھنن ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي جلد بهتر بڻايو وڃي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ٺٽي ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل،
ٻن ڄڻن کي عورتاڻو لباس
0 تبصرے