سجاول (رپورٽر)سجاول قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاسي جي سزافريادي جي وڪيل اعجاز جماڻي جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سجاول جي جج اشفاق نظاماڻي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار يعقوب ٿھيم رفيق ٿھيم کي ڦاسي جي سزا ۽ پنج پنج لک روپيه ڏنڊ ٻڌائي ڇڏيو آھي ۽ جوابدار رجب علي محمد علي مقبول ۽ نور علي کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ياد رهي ته جوابدارن تاريخ 19-2-2023 تي جاتي ٿاڻي جي حد ۾ عربي سمنڊ ۾ اسماعيل ٿھيم ۽ الھڏنو ٿھيم کي قتل ڪيو ھو جنھن جو ڪيس امام بخش ٿھيم جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو جنھن ڪيس جو فيصلو اڄ عدالت ٻڌائي ڇڏيو آھي ڪيس جي پيروي فريادي جي نامياري وڪيل اعجاز جماڻي ء ADPP منور علي دايو ڪئي
0 تبصرے