English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: پورٽ قاسم جي لڳ گودام ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، ريسڪيو عملي پاران آپريشن
91 views
|
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم جي لڳ هڪ وڏي گودام ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي اطلاع تي فائربريگيڊ جي ڪيترين ئي گاڏين فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو۔ ريسڪيو ذريعن موجب باهه جي شدت گهڻي آهي، پر فائرفائٽر مڪمل ڪوشش ڪري رهيا آهن ته شعلن کي گودام جي ٻين حصن تائين پکڙجڻ کان روڪيو وڃي۔انتظاميه تصديق ڪئي آهي ته گودام اندر موجود سڀئي ماڻهو وقت سر ٻاهر ڪڍي ورتا ويا آهن ۽ ڪو به جاني نقصان رپورٽ نه ٿيو آهي۔ ڄاڻ موجب گودام ۾ بنيادي طور چانورن جو وڏو ذخيرو موجود هوشروعاتي تحقيقات ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته گودام جي ڇت تي ويلڊنگ جو ڪم جاري هو، جنهن دوران ويلڊنگ مان نڪتل چنگاري هيٺ رکيل سامان تي ڪري پئي ۽ باهه ڀڙڪ اٿي۔ ڪجهه ئي لمحن ۾ باهه شدت اختيار ڪري وڏي حصي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو فائربريگيڊ عملدارن جو چوڻ آهي ته باهه تي جلدي ضابطو آڻڻ لاءِ اضافي پاڻي واريون باؤزر گاڏيون به طلب ڪيون ويون آهن ۽ ريسڪيو ٽيمون پڻ مدد ۾ سرگرم آهن۔ گودام ۾ رکيل چانورن جي ذخيري کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر باهه سبب ڳري مالي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ريسڪيو عملي پاران آپريشن
ملير: پورٽ قاسم جي لڳ گودام
0 تبصرے