English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز جي ڊگري ڪاليج گرائونڊ تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، حمزا ڪلب فاتح
131 views
|
28th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
دي ينگ ٽيلنٽ ونٽر پاران ڪرايل ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور 16 ٽيمن حصو ورتو
نوشهرو فيروز(اسپورٽس نيوز) نوشهرو فيروز ۾ ڊگري ڪاليج گرائونڊ تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، حمزا ڪرڪيٽ ڪلب کٽي ويو خبر موجب نوشهرو فيروز ڊگري ڪاليج جي گرائونڊ ۾ دي ينگ ٽيلنٽ ونٽر پاران ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مجموعي طور 16 ٽيمون شرڪت ڪنديون رهيون. فائنل مقابلو حمزا ڪرڪيٽ ڪلب ۽ علي ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو۔ حمزا ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٽي پهرئين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 7 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 139 رنسون ٺاهي شاندار پرفارمنس سان ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي۔ جواب ۾ علي ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم 7 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 130 رنسون ٺاهي سگهي ۽ میچ هارائي ويٺي۔ فاتح ٽيم جي مسرور سولنگي 97 رنسون ٺاهڻ ۽ ٻه وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو۔ ٽورنامينٽ جي اختتامي تقريب جا مهمان خاص سٽي سپر مارٽ جو مالڪ رياض حسين وڳڻ، اڪرم پيرزادو، ڪائونسلر شاهد حسين خانزاده ۽ سهيل احمد راڄپر هئا۔ مهمان خاص رياض حسين وڳڻ فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ 5 هزار رپيا ڪيش، جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي ٽرافي ۽ 3 هزار رپيا انعام ڏنو۔ آخر ۾ ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر امجد سومرو، شيراز راڄپر، مبين ميمڻ ۽ رضوان ميمڻ کي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيا ويا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مسرور سولنگي
نوشهرو فيروز
ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
0 تبصرے