English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿر جي سڄاڻ ڌرين پاران قدرتي وسيلن جون ليزون مقامي ماڻھن کي ڏيڻ جو مطالبو
157 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٿر سٽيزن فورم پاران ڪول پروجيڪٽن، چائنا ڪلي، لوڻ کاڻن، سرن جي بٺن، ڪپن ۽ وڻن جي واڍي خلاف جاکوڙ جاري
مٺي (رپورٽر) ٿر جي سڄاڻ ڌرين لوڻ کاڻن سميت سمورن قدرتي وسيلن جو ليزون مقامي ماڻھن کي ڏيڻ ۽ فطرت سان ھٿ چراند روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ٿر سٽيزن فورم پاران ڪول پروجيڪٽن، چائنا ڪلي، لوڻ جي کاڻن، سرن جي بٺن، ڪپن ۽ وڻن جي واڍي سبب ماحولياتي تباهي خلاف "صاف سٿري ۽ سرسبز ماحول لاء واجهائيندڙ ٿر" جي عنوان سان شروع ٿيل 5 ڏينھن جو ڪلائميٽ مارچ ٻئي ڏينھن ڏيپلو پھچي ويو، ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، اعجاز بجير، ارباب گروپ اڳواڻ ارباب احسان، عمران باغي، عبدالرحمان اوٺو، ميوارام ساقي، عمر بجير،ارباب خالد، عظمي ابڙينگ، ايڊووڪيٽ قربان سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن جو قافلو ڪلوئي کان موٽرسائيڪلن ۽ ڪارن جي ريلي جي صورت ۾ ڏيپلو پھتو، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي سميت سمورن قدرتي معدني وسيلن تي مقامي ماڻهن کان حق کسي ڪمپنين ۽ بااثرن حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٿر جي وسلين تي ملندڙ رائلٽي جا اربين روپيا به ٿر جي بنيادي مسئلن جي حل ۽ سهولتن تي خرچ ڪرڻ بجاء ماحول کي تباھ ڪيو پيو وڃي ۽ لوڻ جي کاڻن سميت مختلف وسيلن جي مالڪي ۽ ليزون به غيرمقامي ماڻهن حوالي ڪيل آهن، هنن چيو ته ٿر ۾ جهري ريت فطرت سان هٿ چراند ڪري ماحول کي بگاڙيو ويو آهي اهڙي ريت سموري ٿر کي وڻن جي واڊي ڪري ۽ جهنگلي جيوت جو شڪار ڪري ٿر کي انهن فطرت جو قتل گاھه بڻايو ويو آهي، هنن چيو ته ملڪ جا حڪمران ۽ سرڪار اکيون کولي ڪارونجهر جبل سميت ٿر جي فطرت سان هٿ چراند بند ڪري ماحول کي صاف سٿرو ۽ ٿر کي سرسبز رکڻ ۽ ڪردار ادا ڪن، هنن چيو ته ٿر جي بدلجندڙ آبهوا، مندون، ماحول توڙي ماحوليات موسمي تبديلي جا چٽا اهڃاڻ بيان ڪري رهيا آهن، ٿر ۾ انساني،حيوانگي توڙي نباتاتي زندگين جو دارومدار جر جي پاڻي جي منحصر ڪندڙ ماحولياتي نظام تي آهي، ھنن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ ڪول پروجيڪٽن،لوڻن جي کاڻين ،سرن جي بٺن، ڪپن ۽ وڻن جي واڊي سبب ماحولياتي آلودگي پيدا ٿي آهي جنهن کي بهتر ڪرڻ لاء آگاھي مهم هلائي رهيا آهيون هتي ڏيپلو تعلقو ۾ خاص ڪري لوڻ جي کاڻين جي رائلٽي مقامي ماڻھن کي نه ملي رهي آهي، جيڪو ٿر جي ماڻھن سان ويساھ گهاتي آهي، ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو چيو ته ٿر ۾ ماحوليات جو بگاڙ سبب ماحول صاف سٿرو نه آهي انڪري ماحول جو تحفظ ۽ انصاف ڪرڻ هر فرد جي ذميواري سمجهون ٿا عوام ماحولياتي آلودگي جا سبب سمجهي آواز بلند ڪري، ٿر ۾ پنج ڏينهن جو "ٿر ڪلائميٽ مارچ" ۾ صاف سٿرو ۽ سرسبز ماحول لاء واجهائيندڙ ٿر ڏسڻ چاهيون ٿا. جنهن سبب ٿر سٽيزن فورم پاران مارچ ڪيو پيو وڃي.ٿر سٽيزن فورم جي ڪلائيمينٽ مارچ جي ڪلوئي کان ڏيپلو تائين وک وک تي آجيان ڪئي وئي، کيتلاري اسٽاپ، ڀوڄاڪر اسٽاپ، پيلوڙو، ويڙيجھپ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين ٿر سٽيزن فورم جي مارچ ۾ شريڪ قافلي جي شاندار آجيان ڪندي ماحوليات سڌاريو جا نعرا ھنيا.ٿر سٽيزن فورم پاران ڏيپلو ۾ رات جو مچ ڪچهري ۽ محفل موسيقي رکرائي وئي، مچ ڪچهري ۾ سگھڙن ۽ شاعرن، بيت، لطيف جون وايون ۽ ڳجھارتون ٻڌائي خوب داد ماڻيو، جڏھن تہ محفل موسيقي ۾ ٿر جي خوبصورت راڳي اڪبر ڏيپلائي ڪلاسيڪل راڳ ڳائي ويٺلن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ایف سی ہیڈکوارٹر پشاور خودکش حملہ: منصوبہ بندی افغانستان میں ہوئی، سہولت کار بے نقاب
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
کراچی: جماعتِ اسلامی کے امیر حافظ نعیم الرحمن کی مبینہ آڈیو لیک
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ويجهو ڳوٺ غلام محمد مڱڻيجو ۾ نوجوان پاران مبينا آپگهات
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان دہشت گردی کے پیچھے بھارت کا ہاتھ بے نقاب، گرفتار ملزمان کے انکشافات — خواجہ آصف
01st Feb 2026
•
تازہ ترین
ڈی جی خان میں ہائی الرٹ: پنجاب سے بلوچستان جانے والے تمام راستے بند
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مٺي
ٿر جي سڄاڻ ڌرين لوڻ
ٿر سٽيزن فورم پاران
0 تبصرے