English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪورنگي ڪريڪ روڊ تي قائم مک ڪيمپس ۾ ساليانو جاب فيئر منعقد ڪيو ويو
281 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
جاب فيئر ۾ ملڪ جي وڏين ڪمپنين پاران اسٽالز لڳايا ويا، نوڪرين بابت آگاهي
ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) علماءَ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ شاندار ساليانو جاب فيئر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪورنگي ڪريڪ روڊ تي قائم علماءَ يونيورسٽي جي مک ڪيمپس ۾ جاب فيئر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف وڏن ادارن، ڪمپنين پاران پنهنجا اسٽال لڳايا ويا.يونيورسٽي انتظاميا پاران منعقد ڪيل ان ميلي ۾ مختلف شعبن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڀرپور دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ماهرن پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽرز ۾ روزگار جي موقعن بابت کين معلومات فراهم ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هيڊ آف ڪيمپس مصطفيٰ رزاق , فنانس هيڊ فريد احمد، وجاهت الله رائو، اويس، نعيم، حنيفا ۽ اسماءَ سميت يونيورسٽي جي استادن چيو ته علماءَ يونيورسٽي طرفان هر سال جاب فيئر منعقد ڪرائڻ جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ روزگار جي بهترين موقعن بابت معلومات ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي. سندن چوڻ هو ته علماءَ يونيورسٽي طرفان پنهنجي شاگردن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ سميت هر موڙ تي گهربل رهنمائي فراهم ڪرڻ اداري جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد آهي، جنهن جو تسلسل هميشه برقرار رکيو ويندو.ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته جاب فيئر منعقد ڪرڻ سان کين ڪيريئر ٺاهڻ جي حوالي سان روشن راهون نظر اينديون آهن، ان قسم جا پروگرامز سان سندن حوصلو وڌي ٿو ۽ مارڪيٽ ۾ موجود روزگار جي ذريعن بابت مناسب معلومات به ملي وڃي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جاب فيئر هر سال منعقد
علماءَ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ شاندار ساليانو جاب فيئر منعقد
0 تبصرے