English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ريڙهي جي سرڪاري اسڪول مان چوري, پوليس چوري جي رپورٽ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
98 views
|
24th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل چور اسڪول ۾ در ۽ دريون ڪڍي چوري ڪري ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گذريل ڏينهن صبح جڏهن اسٽاف سرڪاري پرائمري اسڪول GBPS ريڙهي مياڻ ۾ داخل ٿيو ته کين ڏکوئيندڙ ۽ ڳڻتي واري صورتحال ڏسڻ ۾ آئي۔ نامعلوم چورن اسڪول جي عمارت مان لوهه واري گريل ۽ ٻن ڪمرن جي درين جون گريلون کڻي ويا هن واردات بعد اسڪول مڪمل طور غير محفوظ ٿي چڪو آهي، جنهن سبب ٻارن، استادن ۽ اسڪول جي سامان جي حفاظت بابت سنگين خدشا پيدا ٿي ويا آهن اسٽاف مطابق جڏهن واقعي جي ڄاڻ علائقي جي ٿاڻي کي ڏني وئي ته پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي الٽو چيو ته پاڻ چوكيدار جو بندوبست ڪريو جنهن تي استادن ۽ والدين شديد پريشاني ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو استادن جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ اڳ ۾ ئي حفاظتي انتظام ناڪافي هئا، ۽ هاڻي گريلن جي چوري بعد عمارت مڪمل طور کليل ٿي وئي آهي، جنهن سبب رات جو ڪنهن به وڏي حادثي يا ٻيهر چوري جو خطرو وڌي ويو آهي علائقي واسين ۽ والدين اعليٰ اختيارين، تعليم کاتي ۽ انتظاميه کان فوري طور چوكيدار جي مقرري، اسڪول جي سيڪيورٽي جي بحالي ۽ پوليس جي تعاون جو مطالبو ڪيو آهي۔ انهن چيو ته جيڪڏهن اسڪول جي حفاظت يقيني نه بڻائي وئي ته ٻارن جي جان ۽ سرڪاري ملڪيت مستقل خطري ۾ رهندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير: ريڙهي جي سرڪاري اسڪول مان
0 تبصرے