English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي مھراڻ ڳوٺ ۾ قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ الطاف مگسي جي پهرين ورسي ملهائي وئي
95 views
|
24th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ايس يو پي جي سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، ڪراچي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول ۽ ٻيا شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي مھراڻ ڳوٺ ۾ قومپرست اڳواڻ ليکڪ ۽ انسان دوست ڪامريڊ الطاف مگسي جي پهرين ورسي جي موقعي تي، مهراڻ ڳوٺ، ڪراچي ۾ سندس ڀائرن ۽ خاندان پاران هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ قومي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ جي سينئر نائب صدر روشن علي برو، ڪراچي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول ، سردارزاده مير صفدر خان مگسي، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ڪاشف خاصخيلي، ايس ٽي پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، ڪامريڊ الطاف مگسي جي ڀاءُ منير خان مگسي ۽ ٻين مقررين چيو ته ڪامريڊ الطاف مگسي نه رڳو هڪ قوم پرست اڳواڻ هو پر پيار، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي جو مجسمو به هو. هو ماڻهن کي ڳنڍڻ، انهن ۾ اتحاد، ڀائيچاري ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي هڪ روشن مثال هو. هن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن ذريعي پاڪستان ۾ سماجي عدم مساوات، قومي حقن ۽ سنڌ جي سڃاڻپ بابت هڪ مضبوط ۽ دلير آواز بلند ڪيو.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته الطاف مگسي سنڌ جي رهواسين جي آبادڪاري، انهن جي حقن جي آگاهي ۽ قومي شعور کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ مسلسل سرگرم رهيو. سندس خيالن، خدمتن، همت ۽ خلوص کي ڪراچي جي سڀني قومي حلقن ۾ عزت ۽ فخر سان ياد ڪيو ويندو آهي. تقريب جي آخر ۾ ڪامريڊ الطاف مگسي جي ابدي سڪون لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته سندس خاندان سڀني شرڪت ڪندڙن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪامريڊ الطاف مگسي
ڪراچي جي مھراڻ ڳوٺ ۾ قومپرست
0 تبصرے