English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ماهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي ابراهيم حيدرِي ۾ رنگا رنگ تقريب
169 views
|
21st Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران گيت، تقريرون، ڊراما ۽ ٽيبلوز پيش، ماهيگيرن جي مسئلن جو چارٽر پيش
مهاڻا پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، سندن مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي سهڪار جي ضرورت آهي : مقرر ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ماهيگيرن جي عالمي ڏينهن 21 نومبر، جي موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي انتظام هيٺ ابراهيم حيدري جي موٽاڻي جي ٽي شاندار ۽ رنگا رنگ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ماهيگيرن برادري، عورتن، نوجوان، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف تنظيمن جا نمائندا وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن ۽ مهاڻن جي نمائندن خطاب ڪندي ساموندري آلودگي، غير قانوني ٽرالنگ، روزگار جا مسئلا، ساحلي آبادين جي محرومين ۽ مهاڻن جا حق واضح ڪيا۔ مقررن خطاب ڪندي چيو ته مهاڻا پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پر انهن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڌيان ۽ سهڪار جي ضرورت آهي پروگرام ۾ ثقافتي رنگ به نمايان رهيو۔ ٻارن ۽ نوجوانن گيت، رقص، ڊراما ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا، جنهن ۾ مهاڻن جي زندگي، سندن مشڪلاتون، سمنڊري ثقافت ۽ ماحول دوست پيغام خوبصورت انداز ۾ اجاگر ڪيا ويا۔ شرڪت ڪندڙن انهن پيشڪشين کي وڏي تعريف سان ساراهيو۔فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن سان گڏ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد موٽاني به شرڪت ڪئي، جن مهاڻن کي درپيش معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي مسئلن تي تفصيلي گفتگو ڪئي۔ هن چيو ته ماهيگيرن پاڪستان جي غذائي ۽ معيشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪرنگي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پر انهن کي بنيادي سهولتن ۽ سرڪاري سپورٽ جي سخت ضرورت آهي۔ ان موقعي تي پاڪستان فشر فوڪ فورم جا مرڪزي جنرل سيڪريٽري سعید بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري ايوب شان خاصخيلي، مجيد موٽاني، طالب ڪڇي ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو ۽ چيو ته ماهيگير برادري کي مضبوط اقتصادي قوت بڻائڻ لاءِ تعليم، هُنر مندي، جديد اوزار، ماحول دوست پاليسيون ۽ غير قانوني ٽرالنگ جي خاتمي لاءِ فوري ڪم ضروري آهي۔رہنمائن جو عزم هو ته ماڇي مارين جا حق، سامونڊي وسيلن جو تحفظ ۽ ساحلي برادرين جي ترقي لاءِ جدوجهد جاري رکجي۔ ان موقعي تي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سمنڊ ۾ غير قانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ساحلي علائقن ۾ تعليم، صحت، پاڻي ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ماڇي مار ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ خاص تعليمي ۽ تربيت واريون پروگرام شروع ڪيون وڃن تقريب جي آخر ۾ ماڇي مار برادري جي بزرگن کي اجرڪون اوڍائي سندن خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن عالمي ڏينهن کي ماڇي مارين جي حقن ۽ سندن تحفظ لاءِ جدوجهد جي تجديد جو ڏينهن قرار ڏنو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پاڪستان فشر فوڪ فورم
0 تبصرے