English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد ۾ هڪ ئي رات ۾ ڪيتريون ئي ڦر جون وارداتون
128 views
|
19th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪجهه ئي ڪلاڪن دوران شهرين کان 13 موبائيل فونون ڦر ڪيون ويون
ملير (ڊر) علائقي ۾ وڌندڙ ڏوهن جي لهر ٻيهر خوفناڪ حد تائين وڌي وئي آهي گذريل رات 4 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين مختلف هنڌن تي لڳاتار ٿيل وارداتن نه صرف علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ شديد خوفُ هراس وڌائي ڇڏيو پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي بابت به سنگين سوال اُٿاري ڇڏيا آهن علاقائي واسين موجب چند ڪلاڪن اندر 13 موبائل فون ڦرلٽ ٿي ويا، جڏهن ته هڪ سي ڊي 70 موٽر سائيڪل پڻ چوري ڪري وئي۔ وارداتون انتهائي بي خوف ۽ اطمينان سان ڪيون ويون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته علائقي ۾ پوليس گشت نه هئڻ برابر آهي وارداتون ڪٿي ڪٿي ٿيون بدھ بازار وارو گرائونڊ دڪاندارن ۽ شهرين کان 6 موبائل فون ڦري ويا۔سُهيل ڪِرِيانا اسٽور وٽ مختلف ماڻهن کان 5 موبائل فون ڦرلٽ ڪيا ويا سنڌو چَوڪ وٽ ٻه شهرين کان 2 موبائل فون ڦري ويا مڪينن جو چوڻ آهي ته انهن سمورين وارداتن دوران نه پوليس جي گشت نظر آئي ۽ نه ئي ڪنهن فوري ڪارروائي جا آثار ڏسڻ ۾ آيا، جنهن سبب ڏوهاري وڌيڪ بي خوف ٿي آزادانه گهمي رهيا آهن۔ اسان لٽجي رهيا آهيون، ڪو پڇڻ وارو ناهي شهرين شديد غصي ۽ بي وسي جو اظهار ڪندي چيو عوام روزانو لٽي رهي آهي، پوليس سمهي پئي آهي ڏوهاري گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن تي دندنائين ٿا ڪنهن به هنڌ باقاعده پوليس گشت نظر نٿو اچي ان صورتحال سبب علائقي ۾ خوف ۽ بيچيني وڌي وئي آهي۔ ماڻهو صبح سوير گهرن مان نڪرڻ کان به گهٻرائي رهيا آهن، جڏهن ته شام لهندي ئي بازارون ويران ٿيڻ لڳن ٿيون۔عوام جا مطالبا هاڻي بس اهلينِ گلشن حدید انتظاميا کان سخت مطالبو ڪيو آهي ته پوليس گشت ۾ فوري طور تي اضافو ڪيو وڃي ڏوهارين خلاف گڏيل ۽ مؤثر آپريشن شروع ڪيو وڃي سي سي ٽي وي مانيٽرنگ ۽ اسنيپ چيڪنگ فعال ڪئي وڃي متاثرن جون ايف آءِ آرز بنا دير داخل ڪيون وڃن علاقائي واسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته ڏوهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ عوام جو اعتماد مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گلشن حديد ۾ هڪ ئي رات
0 تبصرے