English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ حددخلين جو آزار جاري، روڊ رستا سوڙها ٿي ويا، اچ وڃ ۾ شهرين کي تڪليفون
101 views
|
14th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
انتظاميه حددخلين خلاف ڪارروائي بدران ننڊ سُتل آهي: شهري
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ۾ حددخليون وڌي ويون،جنهن سبب شهر مڙني روڊ رستن تي هر وقت ٽرئفڪ جام رھڻ، انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو.عوام سخت پريشانين کي منهن ڏين لڳو. تفصيل موجب ڏوڪري ۾ حددخلين سبب شهر جا اهم روڊ ۽ رستا سوڙها ٿي ويا آهن، جڏهن تہ ٽريفڪ جام معمول بڻجي ويو آهي. شهر جي مرڪزي علائقن، جهڙوڪ مين بازار، اسٽيشن روڊ ۽ بس اسٽينڊ چوڪ تي غيرقانوني ريڙيون، چنگچي ڊرائيور ۽ واپارين دوڪانن جا دڪا وڌائڻ سبب شهر جو حُسن متاثر ٿي ويو آهي ۽ شهري مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن،رش سبب شهرين کي اچ وڃ ۾ پڻ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. هوڏانهن شهر اندر سرڪاري زمينن ۽ عمارتن تي به بااثر ڌرين جا قبضا ٻڌايا پيا وڃن. ذريعن موجب ڪيترن ئي هنڌن تي پراڻن سرڪاري پلاٽن ۽ رستن تي غيرقانوني تعمير ٿيندڙ دڪان ۽ عمارتون ٺھڻ سبب شهري پريشان آهن جڏهن تہ بلدياتي انتظاميا بي وس نظر اچي رهي آهي، ٽائون انتظاميا طرفان ملازمن کي رش گھٽائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.انهي موقعي تي شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا ڪاغذي ڪارروائين تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ عملي طور تي ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي. ڏوڪري جو هر روڊ هاڻي قبضن جي ور چڙهيل آهي، حد دخلين سبب خوبصورت شهر جو نقشو بگڙي ويو آهي،ھنن سماجي حلقن ۽ شهري تنظيمن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي جامع آپريشن ڪري حددخليون ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽هر وقت روڊن تي بيٺل غيرقانوني ريڙها، ڇپرا ۽ وڌايل دڪا هٽايا وڃن ۽ سرڪاري ملڪيتون تان قبضا ختم ڪرائي شهر کي پنهنجو اصل روپ واپس ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري ۾ حددخلين جو آزار ج
0 تبصرے