افتتاحي تقريب ۾ صحافين، شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين جي به شرڪت
ٺٽو (رپورٽ شفيق ڀٽي) شاگرد طرفان استاد کان دڪان جي افتتاح ڪرائڻ جي تقريب گجو شهر ٿي گذري عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي سرگرم رڪن ۽ روزاني سلام سنڌ اخبار جي ضلعي رپورٽر بلاول ٻاٻڙو گجي شهر ۾ پنهنجي “برياني پوائنٽ” جي نالي سان نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ دڪان جي افتتاح عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون جي ھٿان گذريل ڏينهن ڪرايو ۾ صحافتي برادري سميت مختلف سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي تقريب کي مهمان خصوصي جي حثيت سان عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون مخاطب ٿيندي چيو ته بلاول ٻاٻڙو صحافت سان گڏ پنهنجي حلال رزق لاءِ به مسلسل جاکوڙ ڪئي هڪ ننڍو روزگار شروع ڪيو آهي، جيڪو نوجوانن لاءِ هڪ مثالي ڳالهه آهي۔ هن چيو ته اڄ جي نوجوان نسل کي بلاول ٻاٻڙو جهڙن محنتي ۽ باهمت ماڻهن مان سکڻ گهرجي، جيڪي هڪ ئي وقت سماجي، صحافتي ۽ ڀلائي جا ڪم به ڪري رهيا آهن ۽ ساڳي وقت پنهنجي پيرن تي بيهي پنهنجي خاندان جي مالي سهائتا لاءِ به ڪوشش ڪري رهيا آهن سندس چوڻ هو ته اهڙا نوجوان ڪنهن به سماج لاءِ قيمتي سرمايو آهن افتتاحي تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري محمد عمر سرائي، نائب صدر عبيدالله جماري، مجاهد واريو، ڪامريڊ زاھد جوکيو، راجا ميمڻ، زاھد امير جوکيو، فاروق شيخ، مختيار جان چانڊيو، علي حيدر سومرو، ايوب شاهه جيلاني ۽ ٻيا پڻ موجود هئي ان موقعي تي ميزبان بلاول ٻاٻڙو ۽ ڪامريڊ زاھد جوکيو صدر بلاول سمون کي پٽڪو پارايو، جڏهن تہ ٻين مهمانن کي اجرڪون ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا آخر ۾ سائين ايوب شاهه جيلاني بلاول ٻاٻڙو جي ڪاروبار ۽ رزق ۾ برڪت لاءِ خاص دعائون گهريون۔
0 تبصرے