باء پاس تي 9 هٿياربندن ڪلاشنڪوفن سان دڪان تي ڪاهه ڪري يرغمال بڻايو: واپاري راشد جيهو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ڏوھن تي ضابطو اچي نه سگھيو واپاري راشد جيھو کان 15 پنڌرنھن لک ڦرجي ويا شڪارپور جي باء پاس تاج سي اين جي لڳ اناج جي مشھور واپاري جيھا برادري جاڳڻ جي چيف رئيس حافظ پناھ جيھو جي فرزند اناج جي واپاري راشد جيھو کان جيڪب آباد شڪارپور روڊ تي واقع اناج جي دڪان تي گذريل ڏينھن جو 9 نو ڏوھارين ڪلاشنڪوفون کڻي دڪان تي چڙھائي ڪري 1500000 پنڌرنھن لک روڪ رقم مزدورن کان ڇھ موبائيل فونون ۽ ڀر سان ڪاٺين جي دڪاندار خالد پٺاڻ کان 250000 اڊائي لک روڪ ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع تي جيھا برادري جا سوين ماڻھون پھچي ويا جنھن بعد واپاري محمد پناھ جيھو ، محمد نواز جيھو محمد حيات جيھو، متاثر واپاري راشد جيھو،غلام حسين جيھو، شاھ محمد جيھو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪب آباد شڪارپور روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ڌرڻي سبب ٻنھي پاسي ٽريفڪ معطل ٿي وئي جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته شڪارپور ۾ ڪاروبار ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آ واپاري غير محفوظ آھن پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي آھي آئي ڏينھن ڦرلٽ ٿيي پئي ملوث ڏوھارين کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڏياري وڃي ٻئي طرف ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي واقعي واري ھنڌ پھتي متاثرين سان ڳالھيون ڪيون ويون انصاف جي خاطري ڪرائي وئي ٻن ڏينھن جي مھلت گھري ورتي جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو
0 تبصرے