ٺٽو جو تاريخي بخاري قبرستان قبضه مافيا ۽ گندگي جي ورچڙهيل, قبرون گٽر جي پاڻي ۾ ٻڏل، شهرين جي شڪايتن باوجود انتظاميه ننڊ مان نه جاڳي

گٽرن جو گندو پاڻي بيهڻ سبب ڪيتريون ئي قبرون مسمار ٿي ويون، نوٽيس ورتو وڃي: رهواسي

ٺٽو جو تاريخي بخاري قبرستان قبضه مافيا ۽ گندگي جي ورچڙهيل, قبرون گٽر جي پاڻي ۾ ٻڏل، شهرين جي شڪايتن باوجود انتظاميه ننڊ مان نه جاڳي

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شهر ٺٽي جي وارڊ نمبر هڪ ۾ واقع تاريخي بخاري قبرستان اڄ پنهنجي اصلي سڃاڻپ وڃائي ويٺو آهي۔ اهو ئي قبرستان، جتي ڪڏهن ماڻهو پنهنجي مرحومن لاءِ دعا جا ڏيئا ٻاريندا هئا، هاڻي گندگي، بدبوءِ ۽ گٽر جي گند جي ور چڙهيل آهي۔هي قبرستان هزارين مرحومن جو آخري آرامگاهه آهي، جن ۾ شهرين جا ابا ڏاڏا، والدين، ڀائر، ڀينرون ۽ ٻار به دفن ٿيل آهن، پر اڄ اهي قبرون، جن تي ڪڏهن قرآن جون آيتون پڙهيون وينديون هيون ۽ گلن جي خوشبو پکڙيل هوندي هئي، هاڻي گندگي ۽ گٽر جي پاڻي ۾ ٻڏل نظر اچن ٿيون۔مقامي رهواسين موجب ضلعي انتظاميه ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي غفلت، نااهلي ۽ بي حسي سبب هي مقدس ماڳ تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته نه رڳو پراڻيون قبرون مٽي ۾ ڌنسجي ويون آهن، پر تازو فوت ٿيل ماڻهن کي به گندگي واري پاڻي ۾ دفن ڪرڻو پوي ٿو۔ هڪ مقامي شخص امير کوسو ڳوڙهن سان ڳالهائيندي چيو اسان جڏهن پنهنجن بزرگن جي قبر تي فاتحه پڙهڻ ايندا آهيون، تڏهن گندگي ۾ ٻڏل قبرون ڏسي دل رت روئي ٿي۔ انتظاميه کي بار بار چيو، پر ڪنهن به ٻڌو نه۔مقامي روايت مطابق، ميت سان گڏ قرآن جون متبرڪ آيتون رکڻ کي بخشش جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي، پر هاڻي اهي آيتون به گٽر جي پاڻي ۾ ترنديون نظر اچن ٿيون، جنهن کي شهرين مذهبي ۽ انساني حرمت جي سخت توهين قرار ڏنو آهي۔قبرستان جي چوڌاري قبضه مافيا پاران غير قانوني اڏاوتون قائم ڪيون ويون آهن، جنهن سبب قبرستان جو اصل رقبو گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته ڀرپاسي جي آبادي جو ڪچرو به ساڳئي هنڌ اڇلايو پيو وڃي۔علائقي واسين ٻڌايو ته انهن ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميه، ميونسپل عملدارن، مقامي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي لکت ۾ شڪايتون ڏنيون، پر ڪنهن به ڌيان نه ڏنو۔شهرين طرفان صوبائي وزير براءِ ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل خانہ جات حاجي علي حسن زرداري کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو فوري طور نوٽيس وٺي، قبرستان جي چوڌاري چار ديواري ٺهرائي، مٽي ڀرائي ۽ نالن جي صفائي ڪرائي نيڪاسئ آب جو نظام بهتر ڪري، ته جيئن هزارين مرحومن جي قبرن جي بي حرمتي جو سلسلو بند ٿي سگهي۔