English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد مان ٽن ٻارن جي ماءُ پراسرار نموني گم، مڙس جو ٻارڙن سميت احتجاج
66 views
|
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
جمشيد ابڙو شاهه لطيف ٿاڻي تي پهچي گهرواري نيبله ابڙو جي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي علائقي رزاق آباد فيضان ڪالوني جي رهواسي ٽن ٻارن جي ماءُ نيبله ابڙو پراسرار نموني لاپتا ٿي وئي آهي۔ ان سلسلي ۾ مڙس جمشيد ابڙو پنهنجي زال جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻو شاهه لطيف ٽائون پهچي ڪيس داخل ڪرايو جنهن بعد جمشيد ابڙو پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته منهنجي زال نيبله ابڙو کي مون 7 نومبر 2025 تي شام جو پنجين وڳي اسپتال ۾ علاج بعد رکشي ۾ ويهاري گهر وڃڻ لاءِ موڪليو ڇو ته منهنجي موٽر سائيڪل خراب ٿي وئي هئي پر هوءَ اڄ تائين گهر نه پهتي آهي هن ٻڌايو ته مون پنهنجي سڀني مٽن مائٽن، اسپتالن ۽ پاڙي ۾ به ڳولا ڪئي پر زال جي ڪا به معلومات نه ملي سگهي۔ هن پوليس ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته منهنجي زال کي فوري طور ڳولي بازياب ڪرايو وڃي ڇو ته ٽن معصوم ٻار پنهنجي ماءُ جي ياد ۾ روئي روئي بيمار ٿي پيا آهن هوڏانهن پوليس ذريعن موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد شاهه لطيف ٿاڻي جي ٽيم تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مختلف علائقن ۾ ڳولا ۽ جاچ جو عمل جاري آهي۔ علائقي واسين به انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته نيبله ابڙو جي بازيابي لاءِ خاص ٽيم ٺاهي فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن معصوم ٻارن کي پنهنجي ماءُ جو پتو پئجي سگهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رزاق آباد مان ٽن ٻارن
جمشيد ابڙو
0 تبصرے