English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنارن تي مبينا طور غيرقانوني قبضا جاري, 8 ايڪڙ زمين ليز تي ٿيڻ جو انڪشاف
116 views
|
10th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪينجهر وائلڊ لائيف سينڪچري جي 8ايڪڙ زمين 30 سالا ليز تي ڏيڻ لاءِ جوڊيشل آرڊر پاس ٿيڻ جو انڪشاف
ٺٽو (شفيق ڀٽي)رامسر ڪنوينشن تحت عالمي سطح تي وائلڊ لائيف سينڪچري ۽ ويٽلينڊ جو درجو رکندڙ ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنارن تي مبينا طور غيرقانوني قبضا جاري آهن، جتي مقامي انتظاميا تي سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي نظرانداز ڪرڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن. مقامي ذريعائن موجب، جھمپير-ٺٽو روڊ ڀرسان اُڀرندو چکرو تپو جھمپير واري علائقي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ سندس ڀاءُ افتخار قادري طرفان ڪينجهر وائلڊ لائيف سينڪچري جي اٺ ايڪڙ زمين کي 30 سالا ليز تي ڏيڻ لاءِ جوڊيشل آرڊر پاس ڪيو ويو، جنهن جي داخلا 11 آگسٽ 2022 تي داخلا نمبر 09 ذريعي ممتاز سومري جي گهرواري افروز بيگم جي نالي ڪئي وئي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اڳ ئي ڪينجهر ڍنڍ جي زمينن تي 30 سالن واري ليز کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي، پر ان جي باوجود مبينا ملي ڀڳت سان نون داخلائن جو عمل جاري آهي. مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪوھستاني علائقي لاءِ ريوينيو رڪارڊ 2005 کان بند پيل آهي، جنهن سبب ننڍن زميندارن کي زمينن جا سرڪاري ڪاغذ حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جڏهن تہ ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي في ايڪڙ ٻه لک رپيا رشوت وٺي داخلائون ڏنيون پيون وڃن. زمينن جي معاملن بابت ڄاڻ رکندڙ مبصرن جو چوڻ آهي ته ضلعي ٺٽي ۾ گذريل پندرهن سالن کان کاتي وارين زمينن تي پابندي هجڻ باوجود، بااثر طبقا آسانيءَ سان پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن تہ ننڍن زميندار سرڪاري ڪارروائين ۾ ڦاٿل آهن. ھتان جي سياسي ، سماجي حلقن سان گڏ مقامي قلمڪارن پڻ چيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ ۽ ڪوھستاني علائقن کي غيرقانوني قبضا ۽ بدانتظامي کان بچائڻ لاءِ فوري طور تي اثرائتا قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ قدرتي وسيلن جي تباھي سان گڏ مقامي ماڻهن جا حق به متاثر ٿيندا رهندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رامسر ڪنوينشن تحت عالمي سطح
ٺٽو: ڪينجهر ڍنڍ جي
0 تبصرے