English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان ۾ جڏهن به جدوجهد جو وقت آيو آهي تہ سڀ کان پهرين سنڌين جدوجهد ڪئي آهي: اياز لطيف پليجو
views
|
08th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اينٽي ون يونٽ هجي، ايم آر ڊي تحريڪ هجي، ڀٽي جي ڦاهي خلاف جدوجهد هجي هميشه سنڌ جدوجهد ۾ رهي آهي
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي کي لنڊن ۾ انجنيئر ھاشم عباسي، لالچند، جميل رخشاني، سجاد پٺاڻ، راجا ڀون ۽ ٻين پاران ڏنل آجياڻين کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ جڏهن بہ جدوجهد جو وقت آيو آهي تہ سڀ کان پهرين سنڌين جدوجهد ڪئي آهي، اينٽي ون يونٽ هجي، ايم آر ڊي تحريڪ هجي، ڀٽي جي ڦاسي خلاف جدوجهد هجي هميشه سنڌ جدوجهد ۾ رهي آهي ۽ سڀ وسيلا بہ سنڌ ڏي ٿي ۽ وري امتحان بہ سنڌ جي ماڻهن کان ورتو وڃي ٿو۔ سنڌ جو نقصان معني پاڪستان جو نقصان آهي اها ڳالھ هي سمجهن ڪون پيا، سنڌ جو پيغام آهي امن، رواداري، ڀائيچاري وارو پاڪستان کي ان تي هلڻ کپي پاليسي سازن کي پنهنجي کوپڙي وسيع ڪرڻ گهرجي ۽ اڳيان جو سوچين۔اياز پليجي چيو تہ سنڌ اسان جي ماءُ آھي ملڪ اسان جو آھي اسان ٺاھيو آهي هڪ خودمختار پاڪستان جنهن ۾ برابري هجي، جنهن ۾ انصاف هجي، جنهن ۾ امن هجي، جنهن ۾ ترقي هجي، اهو هڪ ڊگهو سفر آهي جنهن تي پاڻ سڀ هلي رهيا آهيون۔ وفاق ننڍن صوبن جو پاڻي، وسيلا، روزگار ۽ زمينون ڦري ٿو ۽ سنڌ جي ماڻهن جو رستو بند ڪيو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪنهن بہ ڊيم يا ڪينال ٺاهڻ جي ضرورت نہ آهي نہ ئي اسان ٺاهڻ ڏينداسين۔ دراصل انهن جو مقصد ٻيو آهي جيئن چاٻي يا پاور پاڻ وٽ رکڻ چاهين ٿا تہ جيئن اڳيان هلي سنڌ جا ماڻهو اعتراض ڪن يا احتجاج ڪن تہ انهن جو پاڻي بند ڪري ڇڏجي. خبردار جيڪڏهن ڪجھ ڪيو ٿا اوهان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيندا سين اوهان کي پياسو ماري ڇڏينداسين۔ اياز لطيف پليجو چيو تہ سنڌ جي زمينن جو معاملو بہ ائين آهي، جيئن جي ڪنهن ضلعي ۾ هڪ مخصوص تعلقو، هڪ خاص علائقو ٺاهيندا جيڪو خاص ماڻهن لاء هوندو جنهن سان اهو سڄو ضلعو ڪنٽرول هوندو۔ اها پاليسي تمام خطرناڪ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي ماڻهن کي محبت سان جوڙي رکجي، پاڪستان لاء قرارداد سنڌ پيش ڪئي، پاڪستان کي محمد علي جناح سنڌ ڏنو، پاڪستان لاء قرارداد سنڌ ڏني، پاڪستان کي پهريون گادي جو هنڌ ڪراچي سنڌ ڏنو، پاڪستان کي 72 سيڪڙو گيس سنڌ ڏي ٿي، 58 سيڪڙو پيٽرول سنڌ ڏي ٿي، پاڪستان کي ڇهون وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ ڏنو۔ پاڪستان کي 75 سيڪڙو ٽيڪس سنڌ ڏي ٿي، پاڪستان کي بندرگاھ ۽ ڪوسٽل بيلٽ سنڌ ڏنو. اياز لطيف پليجو چيو تہ طاقت ۽ داٻي سان ڪنهن کي ڪنٽرول نہ ٿو ڪري سگهجي، سوويت يونين ڪنهن کي ڪنٽرول ۾ نہ ٿو رکي سگهي، آمريڪا ڪنهن کي ڪنٽرول ۾ نہ ٿو رکي سگهي، تنهن جي ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ڪنٽرول ۾ ڪون رکي سگهندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيترو سنڌ جي ماڻهن کي نشانو بڻائيندا، دٻاء ۾ رکڻ چاهيندا تہ اڃان سنڌ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺندي۔ پاڻي جا رستا روڪڻ جي ڪري هي نقصان ٿئي پيو، درياء جي رستا نہ روڪين، ٻيلا تباھ نہ ڪن، ماحوليات سان ڇيڙڇاڙ نہ ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے