ٺٽو: حضرت عبدالله شاه اصحابي جي درگاهه تي زائرين لاء سھولتن جي اڻھوند

درگاهه تي گذريل ڏهن ڏينهن کان وضو لاءِ پاڻي به دستياب ناهي: زائرين جي دانهن

ٺٽو: حضرت عبدالله شاه اصحابي جي درگاهه تي زائرين لاء سھولتن جي اڻھوند

ٺٽو (شفيق ڀٽي) اوقاف کاتي جي انتظام هيٺ هلندڙ حضرت عبدالله شاه اصحابي جي درگاهه تي گذريل ڏهن ڏينهن کان وضو لاءِ پاڻي دستياب ناهي، جنهن سبب روزانو سلامي لاءِ ايندڙ سوين زائرين کي شديد مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن۔درگاهه جي احاطي ۾ هڪ جامع مسجد به موجود آهي، جتي پري پري کان ايندڙ زائرين نماز ادا ڪن ٿا، پر پاڻي جي کوٽ سبب عبادت ڪرڻ انهن لاءِ مشڪل بڻجي وئي آهي۔مقامي ماڻهن ۽ زائرين جو چوڻ آهي ته اوقاف کاتو هر مهيني لکين رپيا بجٽ خرچ ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ صفائي سٿرائي، لنگر، رهائش، واش رومز ۽ پاڻي جي فراهمي جهڙيون سهولتون شامل آهن۔ پر درگاهه تي مقرر مينيجر ۽ ٻيو عملو اهي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن۔علائقي جي سماجي ۽ سياسي ڌرين صوبائي وزير اوقاف ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته درگاهه تي خرچ ٿيندڙ بجٽ جو حساب ورتو وڃي ۽ زائرين کي وضو جي پاڻي سميت سڀني بنيادي سهولتن جي فوري فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي۔