ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) غريب آباد پاڙي ۾ هڪ مهيني کان بجلي بند، رهواسين جو بجلي جا بل کڻي سخت احتجاج، بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ڪي اليڪٽرڪ بن قاسم جي آفيس ۽ قومي شاھراھ تي ڌرڻو هڻنداسين ڳوٺاڻا تفصيل موجب رزاق آباد جي علائقي غريب آباد پاڙي ۾ گذريل هڪ مهيني کان بجلي جي بلاجواز بندش خلاف علائقي واسين گذريل ڏينهن پي ايم ٽي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهري ۾ شريڪ غازي ڪلمتي، سجاد شاهه، صدام ڪلمتي، فيض سنڌي، شاھنور رند سميت ٻين رهواسين جي هٿن ۾ ادا ڪيل بل موجود هئا انهن جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا نان پيمنٽ جو جواز ڄاڻائي پاڙي جي پي ايم ٽي بند ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اسان لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو بل باقاعدگي سان جمع ڪرايا آهن رهواسين الزام هنيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي ڪجه اهلڪارن مارڪيٽ ۽ ڪمرشل ايريا ۾ غيرقانوني ڪُنڊا سسٽم لڳائي ڇڏيو آهي جنهن جو بل اداري بدران سڌو انهن جي کيسي ۾ وڃي رهيو آهي جڏهن ته وقت سر بل ڀريندڙ عام ڳوٺاڻن کي بلاجواز بجلي کان محروم رکيو ويو آهي احتجاج ڪندڙ شهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور غريب آباد جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ۽ ڪمرشل ايريا مان ڪنڊا ختم نه ڪيا ويا ته هو ڪي اليڪٽرڪ بن قاسم آفيس ۽ نيشنل هاءِ وي تي دھرڻو ڏيڻ تي مجبور ٿيندا
0 تبصرے