English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ گٽر جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل، علائقو واسي پريشانين جو شڪار
131 views
|
03rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ناليون اٿلڻ ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يو سي مراد ميمن، گڏاپ ٽائون جي علائقي ميمن ڳوٺ سميت مختلف پاڙن بروھي ، جاموٽ ، غفور بستي، بلوچ ، باريچا ۽ ٻين گوٺن ۽ جون گهٽيون ، رستا ۽ گهر گٽر جي گندي پاڻي سان ڀرجي ويا آهن. برسات جو پاڻي اڃا تائين مرڪزي بازار ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب اچڻ وڃڻ ۾ شديد ڏکيائي پيش اچي رهي آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گندي پاڻي ۽ بدبودار ماحول سبب ساهه کڻڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. گهرن جون عورتون مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجن گهرن مان گٽر جو پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ سرڪاري اختيارين کي بار بار منت سماجت ڪري رهيون آهن علائقي جي ماڻهن يوسي مراد ميمن جي وائيس چيئرمين تي سخت تنقيد ڪندي الزام لڳايو آهي ته هن سڄي ڳوٺ کي گندگي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. رهواسين موجب هو چونڊن وقت برادري ۽ ذات پات جون ڳالهيون ڪري ووٽ وٺي ٿو پر عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪا به ذميواري نٿو نڀائي شهرين جو چوڻ آهي ته يوسي ۽ گڊاپ ٽائون جا ترقياتي فنڊ ۽ اسڪيمون هڙپ ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ماڻهو گٽر جي گندي پاڻي ۾ عذاب جي زندگي گذاري رهيا آهن. علائقي ۾ مليريا، دست، هيپاٽائيٽس، خارش ۽ ٻين موذي بيمارين تيزي سان پکڙجڻ لڳيون آهن، جنهن سان ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ اچي ويون آهن.علائقي واسين وزيراعليٰ سنڌ، وزير بلديات، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڪميشنر ڪراچي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ميمن ڳوٺ ۽ ٻين محلن جي فوري صفائي ڪرائي وڃي ۽ ڪرپٽ وائيس چيئرمين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميمڻ ڳوٺ گٽر
ملير
0 تبصرے