English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي گڏجاڻي، بنيادي مسئلن جي حل بابت غور ويچار
46 views
|
31st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
5سيپٽمبر تي گهگهر يوسي آفيس آڏو پاڻي، روڊن ۽ سيوريج جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاج جو فيصلو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر ۾ ايس ٽي پي جي اڳواڻ شمشاد زهراڻي جي جڳھ تي علائقي جي مجموعي مسئلن تي ميڙاڪو ٿيو جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ علائقائي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ عبدالمجيد چاچڙ، فياض اتيرو، سينگار بليدي، جمن شجراع، منور ڪانڌڙو، عرفان جوکيو، نبي بخش بليدي، بقا محمد دراني، عبدالقادر مگسي، عبدالجبار لنڊ، علي احمد لغاري، شمشاد زهراڻي ۽ جان محمد جاني حيدري سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 5 سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن صبح 10 وڳي گهگهر يوسي آفيس آڏو پاڻي، روڊن ۽ سيوريج جي مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪيو ويندو. ان موقعي تي اهو به طئي ڪيو ويو ته گيس، بجلي ۽ انڪروچمنٽ بابت ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي پڻ درخواستون پيش ڪيون وينديون، جڏهن ته مستقبل جي لائحا عمل جو فيصلو ايندڙ گڏجاڻي ۾ ڪيو ويندو.اجلاس جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون کان مطالبو ڪيو ويو ته گهگهر جي پورهيت اڪرم زهراڻي کي ڌاڙيلن جي چنبي مان فوري طور بازياب ڪرايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محترمه بينظير ڀٽو ـ جمهوريت جي علامت کي خراجِ عقيدت
26th Dec 2025
•
تازہ ترین
فیلڈ مارشل کو جان سے مارنے کی دھمکیاں، پاکستان کا برطانوی حکومت سے کارروائی کا مطالبہ
26th Dec 2025
•
شوبز
عامر خان گرل فرینڈ گوری کے ساتھ نیا سال منانے کے لیے چھٹیوں پر روانہ
26th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرمد سنڌي: هڪ آواز، هڪ پيغام
26th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
محترمه بينظير ڀٽو ـ جمهوريت جي علامت کي خراجِ عقيدت
26th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
هالا ۾ پوليس اهلڪارن پاران پنهنجي چاچِي سان مبينا جنسي زيادتي، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار
26th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
روهڙي: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، عورت زخمي
26th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ڳوٺ ڌڻي پرتو موسيٰ واسي جو احتجاجي مظاهرو، مخالفن تي حملي ۽ ڌمڪين جا الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
گهگهر ۾ ايس ٽي پي
0 تبصرے