پاڪستان اسٽيل مل جا رٽائرڊ ملازم رهتون نه ملڻ سبب خاندان سميت فاقاڪشي ۾ مبتلا

پنج سال گذرڻ باوجود رهتون نه ملڻ تي رٽائرڊ ملازم ٻارڙن جون فيسون ادا ڪرڻ لاءِ پريشان

پاڪستان اسٽيل مل جا رٽائرڊ ملازم  رهتون نه ملڻ سبب خاندان سميت فاقاڪشي ۾ مبتلا

ٺٽو(ڊر) پاڪستان اسٽيل مل جي رٽائرڊ ٿيل ملازمن کي پنج سال گذرڻ بعد به رھيل واجبات نه ملڻ ڪري سندن خاندان فاقه ڪشي جو شڪار ٿي ويا، راشن، بيماري، ٻارڙن جي اسڪول فيسن توڙي زندگيء جي ٻين سھولتون لاء سوين ملازم دربدريء واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ پاڪستان اسٽيل مل جي رٽائرڊ ملازمن جي ايڪشن ڪميٽيء جي اڳواڻن وزير احمد، بدرالدين، محمد عثمان ميمڻ، رشيد احمد شيخ ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو آھي ته اسٽيل مل جي سوين رٽائرڊ ملازمن کي 2021 کان اگسٽ 2025 تائين ڊيوٽي دوران سندن پگھار مان ڪٽيل جي پي فنڊ، پينشن ۽ ٻيون واجبات ادا ناھن ڪيون ويون، جنهن ڪري سندن خاندان فاقه ڪشيء جو شڪار بنيل آهن. ھنن چيو تہ بيماري، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ پنهنجي ٻارڙن جي فيسن لاء پڻ گذريل پنجن سالن کان سخت پريشان رھندا آيا آهن، پاڪستان اسٽيل مل جي رٽائرڊ ملازمن جي ايڪشن ڪميٽيء جي اڳواڻن صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، وفاقي وزير پراڊڪشن ۽ فنانس جي وفاقي وزير کان گھر ڪئي آهي ته فوري طور ملازمن کي سندن رھيل واجبات ادا ڪيون وڃن ته جيئن ھو معاشي تنگيء کي منھن ڏيئي سگھن.