پ پ ايم پي ايز راڻا ھمير سنگھ سوڍو ۽ سيد امير علي شاھ ڳوٺ کيجراڙي پهچي ڊاڪٽر سيد معز علي شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سول اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر سيد معز علي شاھ جي لاڏاڻي تي پوئينرن سان ڳوٺ کيجراڙي ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي جتي ڪالھ پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو، پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ، پ پ اڳواڻ سيد سرفراز علي شاھ، ضلعي ڪائونسل جي وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير نور جادم منڱريو، ايم سي ميمبر رميش ڪمار رتناڻي، ڪنول موھن لال رتناڻي، چاڪر خان مري سميت ٻين سياسي سماجي حلقن تڏي تي پُھچي پوئينرن سان تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو
0 تبصرے