English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: درساڻو ڇنو گرين بيلٽ جا حامي ۽ مخالف هڪ ئي صف ۾ بيهي رهيا،ملير جو عوام حيران ۽ مايوس
16 views
|
25th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
معجزاتي تبديلي جي پويان ايوب پٺاڻ جو ڪردار آهي جنهن سڀني جا وظيفا مقرر ڪيا آهن: سماجي اڳواڻ راحيل بلوچ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)درساڻو ڇنو لڳ ملير جي گرين بيلٽ مان ريتي بجري غيرقانوني چوري ڪرڻ بابت حيرت انگيز تبديلي سامهون آئي آهي، جتي هن چوري جا سخت مخالف ۽ حامي هاڻي هڪ ئي صف ۾ بيٺل ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. جيڪي ڌريون ڪالهه تائين هڪ ٻئي خلاف نعرا هڻي رهيون هيون ۽ دشمن بڻيل هيون، اهي اڄ ساٿ ۽ دوستيءَ ۾ جڙيل نظر اچي رهيون آهن. ملير جي سماج سڌارڪ راحيل بلوچ انڪشاف ڪيو آهي ته هن “معجزاتي تبديلي” جي پويان ايوب پٺاڻ جو وڏو ڪردار آهي جنهن مبينا طور سڀني لاءِ وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ان کان پوءِ اڳوڻا تنقيد ڪندڙ به خاموش ٿي ويا آهن ۽ ڪنهن به قسم جو اعتراض ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن سوشل ميڊيا تي شهرين طرفان هن صورتحال تي سخت ردعمل ڏنو پيو وڃي. ڪيترن ئي ماڻهن لکيو آهي ته علائقي جي ماحولياتي ۽ سماجي مفادن کي نظرانداز ڪري ڪجهه ماڻهن پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ دوستيون ۽ ٺاهه ڪيا آهن جتي ماڻهن منصوبي تي سوال اٿاريا آهن ۽ ڳوٺاڻن جي حقن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گرين بيلٽ جهڙا منصوبا صرف تڏهن فائدي مند ٿي سگهن ٿا، جڏهن اهي شفافيت، ماحولياتي بچاءَ ۽ عوامي مفادن جي بنيادن تي هلن، نه ته اهي صرف سياسي مفاهمتن ۽ ذاتي فائدي جو ذريعو بڻجي ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
تازہ ترین
فیصل آباد: ماموں کانجن میں ظالم بیوی نے ڈانٹ ڈپٹ کا بدلہ لینے کے لئے خاوند کی زبان کاٹ ڈالی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي سنڌ جيان ملير به ثقافتي رنگ سان رڱجي ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ گوٺ ۾ مائي نياڻي درگاهه ڀرسان ندي مان اڻڄاتل شخص جي لاش هٿ
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪورٽ ۾ حادثو، مزدور ٽئين ماڙ تان هيٺ ڪري فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
درساڻو ڇنو گرين بيلٽ
معجزاتي تبديلي
0 تبصرے