برسات سبب پرائمري اسڪول مڪلي جي ڇت ٽمڻ لڳي، تازو ٿيل رنگ به خراب ٿي ويو
ٺٽو (شفيق ڀٽي)گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مڪلي ۾ جون ۽ جولاءِ جي موڪلن دوران تعميراتي ۽ رنگ روغن جو ڪم ڪيو ويو هو، پر پهرين ئي برسات ان ڪم جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو۔ ڇت مان پاڻي ٽمڻ لڳو آھي، پلستر لهي پيو ۽ ڪيل رنگ به خراب ٿي ويو آهي۔ مقامي والدين ۽ استادن موجب تعميراتي ڪم انتهائي گهٽ معيار جو ڪيو ويو آهي۔ذريعن مطابق ٺيڪيدار گهٽ معيار ۽ سستو رنگ استعمال ڪيو، صرف خانہ پوري لاءِ ڪم ڪيو ۽ مبينہ طور اسڪول انتظاميا کي رشوت ڏئي رپورٽ منظور ڪرائي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته تعليم کاتي جي ملي ڀڳت سان ٺيڪيدار کي “فائنل ڪمپليشن سرٽيفڪيٽ” جاري ڪيو ويو، جنهن بعد کيس پوري رقم به ادا ڪئي وئي۔ڇت جي ٽاپنگ ۽ بارڊر مڪمل نه ڪيا ويا۔۽ نه ئي فرش جي سطح درست رکي وئي۔ ساڳي وقت بجلي جي ڪم ۾ به ناقص سامان استعمال ڪيو ويو ۽ عام درجي جا پنکا لڳايا ويا۔پلستر ۽ رنگ روغن جو ڪم به پهرين ئي برسات ۾ لهي خراب ٿي چُڪو آھي۔استادن، والدين ۽ سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ۽ لاپرواهي سبب سوين ٻارن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي۔ مقامي ماڻهن ۽ سياسي ڌرين وزير تعليم سيد سردار شاهه، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0 تبصرے