English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حدید جا رهواسي چونڊيل نمائندن مان مايوس، احتجاج جو فيصلو
views
|
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ٽٽل روڊن، ناقص صفائي، پاڻي جي شديد کوٽ ۽ بيقابو قبصاگيرن جو شڪار آهي: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حدید جي رهواسين چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني تي سخت احتجاج ڪندي فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي رهواسين جو چوڻ آهي ته گلشن حديد ڪڏهن هڪ مثالي آبادي سمجهي ويندڙ جيڪا اڄ ٽٽل روڊن، ناقص صفائي، پاڻي جي شديد کوٽ ۽ بيقابو قبصاگيرن جو شڪار آهي، جنهن رهواسين جي روزمره زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي۔علائقي وارن جو چوڻ آهي ته ترقياتي فنڊ ڪاغذي منصوبن ۾ هڙپ ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته زميني حقيقت زوال ۽ بربادي جي عڪاسي ڪري ٿي۔ سندن الزام آهي ته عوامي نمائندا ذاتي مفاد کي عوامي خدمت تي ترجيح ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب مايوسي وڌي رهي آهي۔سول سوسائٽي تنظيم سنڌ سماجي سنگت رهواسين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ذاتي طور گلشن حدید جو دورو ڪن، مقامي نمائندن جي ڪارڪردگي ۽ مالي معاملن جي جاچ ڪرائن، نااهل عهديدارن کي هٽائي اهل ۽ ايماندار قيادت کي آڻين ۽ شفافيت ۽ احتساب ذريعي عوام جو اعتماد بحال ڪن۔سنڌ سماجي سنگت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي رڳو مقامي مسئلو ناهي پر جمہوري اصولن جو امتحان آهي، سنڌ جا عوام اهڙي قيادت جا حقدار آهن جيڪا ٻڌي، خدمت ڪري ۽ سندن مسئلا حل ڪري۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گلشن حدید
گلشن حديد
0 تبصرے