English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ايس ٽي ايل ايف پاران نوجوانن جي تربيت مڪمل, موسميات جي حوالي سان عملي ڪم جي شروعات
205 views
|
22nd Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)سيو دي لائيوز فائونڊيشن (STLF) ۽ برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان عمرڪوٽ ضلعي ۾ پاڪستان يوٿ ليڊرشپ انيشيئيٽو (PYLI) تحت نوجوانن جا تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرايا ويا.سي اي او سيو دي لائيوز فائونڊيشن موجب ھڪڙي تربيت چار ڏينھن تي مشتمل ھئي، جڏھن ته اسين اھڙيون چار تربيتون ڪاميابي سان ڪرائي چڪا آھيون. چار ڏينهن تي ٻڌل تربيت ۾ ڳوٺاڻن علائقن جا نوجوان شامل ٿيا، جتي کين موسمياتي تبديليءَ بابت ڄاڻ ۽ اڳواڻيءَ جي عملي مهارتن بابت سکيا ڏني ويئي.سي اي او ڪنھيا موھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مذڪورہ تربيت صفائي، پاڻي جي بچت، قابل تجديد توانائي، وڻن جي پوک ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موسمي تبديلي جي باري ۾ آگاھي ڏيڻ تي مشتمل ھئي.سندس وڌيڪ چوڻ ھو ته شيڊيول مطابق ڪل ست تربيتي ورڪشاپ ڪرڻا ھئا جن مان چار ورڪشاپ ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿي چڪا آھن ۽ تربيت يافتہ نوجوان پنهنجي علائقن ۾ عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن، جنهن ۾ وڻ پوکڻ، پاڻي بچائڻ ۽ ٻين پنجن موضوعن تي عملدرآمد شامل آهي. ايس ٽي ايل ايف جي سي اي او انجنيئر ڪنيا موهن لال وڌيڪ چيو ته: “هي نوجوان مستقبل جا اميد جوڳا اڳواڻ آهن، جيڪي پنهنجي علائقن ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. سندن قدم ٿر ۽ عمرڪوٽ کي وڌيڪ صاف سٿرو ۽ خوبصورت بڻائيندا.” ان منصوبي تحت مجموعي طور تي 210 نوجوانن کي تربيت ڏني ويندي، جيڪي مستقبل ۾ موسمياتي اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. جڏھن ته تربيت دوران ايم پي اي ھمير سنگھ سوڍا ۽ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران دورو پڻ ڪيو ويو، جن تنظيم جي منفرد انداز ۾ ڪم ڪرڻ تي ساراهيو ۽ نوجوانن جي پڻ ھمت افزائي ڪئي ويئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾
PYLI
STLF
0 تبصرے