انٽرنيشنل رائٽرز فورم جي صدر، اديب شاعر ۽ ڪالم نويس اعجاز ممنائي ڪتاب گهر جو آغاز ڪري ڇڏيو
نوشهروفيروز (ڊر) انٽرنيشنل رائٽرز فورم پاڪستان جي صدر، اديب شاعر ۽ ڪالم نويس اعجاز ممنائي پاران ادب جي واڌاري لاء ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر نوشهروفيروز ۾ العصر ڪتاب گهر جو آغاز ڪري ڇڏيو۔ جنهن جي افتتاحي تقريب ڪتاب گهر سامهون ٿي گذري جنهن جي صدارت سنڌي ادب جي ڏاهي پروفيسر بيوس بخش علي چانڊيو ڪئي جڏهن ته مهمان خاص سينئر صحافي ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ضلعي رابطه سيڪريٽري ايم ظفر تڳر هو۔ تقريب ۾ علمي ادبي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ جن ۾ استاد ضمير حسين وسطڙو، منير احمد ميمڻ، نذير احمد ٻٻر، سيد غلام مرتضيٰ، استاد غلام مرتضيٰ ميمڻ، استاد الھندو خان، پروفيسر سيد شھاب الدين شاھ، گل بقا عمراڻي، افضل علي منگي، محمد امين ميمڻ، شير علي مشوري،فراز علي ميمڻ، فياض احمد قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي پرڳڻو علمي ۽ ادبي هجڻ ڪري ساهتي سڏبو آهي اعجاز ممنائي پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق آهي انڪري هو چاهي ٿو اسان جو پرڳڻو علم ۽ ادب جي چراغ سان روشن رهي۔ اسانجي بدقسمتي آهي جو اسان جي ضلعي ۾ ڪوبه ادبي دڪان نه آهي جتن علم ۽ ادب جا پياسا پنهنجي اڃ اجهائي سگهن۔ اعجاز ممنائي علم ۽ ادب جي واڌ لاء ادبي ڪتاب گهر کولي هڪ وڏو ڪم آهي جنهن تي کيس جس هجي۔ هاڻي اسانجو فرض آهي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي علم سان هم آهنگ ڪرڻ لاء هن ڪتاب گهر طرف رجوع ڪرايون ته جيئن اسانجو مستقبل علم ۽ ادب سان منسلڪ رهي محفوظ رهي سگهي۔
0 تبصرے