English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ جو جمهوري نظام تباھ ٿي چڪو، سنڌ خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿيندي: سيد زين شاهه
136 views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ معدنيات تي نون سودن خلاف جدوجھد جاري رکنداسين: ايس يو پي سربراهه
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ جو جمهوري نظام مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ ظلم ۽ دادگيري جي حڪمراني خلاف اسان جي جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، عمرڪوٽ ۾ مالھي ھائوس تي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي پاران ڏنل آجياڻي ۾ سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي، سيد زين شاهه چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي سطح تي عوامي ڪچھرين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي جتي عوام کي پنهنجا بنيادي مسئلا اجاگر ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته 1991ع جي پاڻي واري ايڪارڊ تحت سنڌ سان سخت ناانصافي ڪئي وئي، انڊس ريور جا وهڪرا روڪڻ جي ڪوششن خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين، هن وڌيڪَ چيو ته وفاقي حڪومت تازو آءِ ايم ايف کان چناب ڊيم لاءِ 8 ارب روپيا گهريا آهن، جڏهن ته چولستان اسڪيم رڪيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ ۽ جلالپور ڪئنال جي لائيننگ عوام سان کليل ناانصافي آهي، مان پاڻ جلالپور ڪئنال جو جائزو وٺي آيو آهيان، حڪومت کي ڪنهن به قيمت تي نون ڪئنالن ۽ باراني زمينن جي منصوبن تي اڳتي وڌڻ نه ڏينداسين، سيد زين شاهه چيو ته حڪمران هٺ ڌرمي تي قائم آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن به نئين ڪئنال يا ڊيم تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو ته اسان پنهنجي پوري طاقت سان ان خلاف تحريڪ هلائينداسين، عوام جي جدوجھد جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت اڳ ئي زمينن ۽ ڪئنالن جي اشو تي پوئتي وئي آهي، پر جيڪڏهن منصوبا جاري رهيا ته اڳ کان به وڌيڪَ تيز تحريڪ ھلائينداسين، هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڻي، زميني وسيلن ۽ معدنيات جي سودن ۾ وفاق سان شريڪ آهي، جيڪا سنڌ دشمن پاليسي آهي، اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جعلي چونڊن ذريعي آيل قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ۽ نيون صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، سيد زين شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ سطح تي پاڻي لاءِ وڏي مهم شروع ڪئي ويندي ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سلسلي ۾ قومي سطح تي سڀني صوبن ۾ جدوجھد کي وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيد زين شاهه
ايس يو پي سربراهه
0 تبصرے