English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ برسات جا ريڪارڊ ٽٽي پيا، غريب پورهيت جو گهر ڊهي پٽ
64 views
|
21st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
انڊسٽريل ايريا گهگهر جي کوسا ڳوٺ ۾ حيدر کوسو جو گهر ڊهي پٽ، گهرڀاتي معجزاڻي طور محفوظ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ تازين برساتن ماضي جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب ضلعي جي مختلف علائقن ۾ وڏيون تباهيون سامهون اچي رهيون آهن. انڊسٽريل ايريا گهگهر جي کوسا ڳوٺ ۾ غريب پورهيت حيدر کوسو جو گهر برسات دوران اوچتو ڊهي پيو. خوشقسمتيءَ سان سندس گهرڀاتي معجزاتي طور تي محفوظ رهيا، پر سڄو خاندان کليل آسمان هيٺ ويهي رهيو آهي.گهر مالڪ غلام حيدر کوسو ۽ سندس گهرواري ڪنول کوسو صحافين کي ٻڌايو ته برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪو به مناسب انتظام نه ٿيڻ سبب سندن گهر ڪريو آهي، جيڪا چونڊيل نمائندن جي سڌي نااهلي آهي. هنن ٻڌايو ته يونين ڪميٽي گهگهر جي چيئرمين کي مدد لاءِ اپيل ڪئي وئي پر ڪنهن به قسم جي سهائتا نه ملي. حيدر کوسو چيو ته هو غريب پورهيت آهي ۽ 7 معصوم ٻارڙن جو اڪيلو ڪفيل آهي، تنهنڪري حڪومت ۽ سماجي تنظيمن کان گهر ٻيهر ٺاهڻ لاءِ مدد جي اپيل ڪري ٿو ٻئي طرف وقفي وقفي سان هلندڙ برسات گهگهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي. روڊن ۽ رستن تي پاڻي گڏ ٿيڻ سبب عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي ۽ شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ برسات جا ريڪارڊ
انڊسٽريل ايريا گهگهر
0 تبصرے