ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام

ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام

ڪنڊيارو(رپورٽر) ڪنڊيارو جي ميڊيڪل سينٽر ۾ نوجوان ناري ويم بعد فوت، ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام، ڪنڊيارو جي ميڊيڪل سينٽر ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام، ڳوٺ فتح علي جتوئي واسڻ علوينا زال زين جتوئي کي ويم لاءِ ميڊيڪل سينٽر آندو ويو، ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته ناري نياڻي کي جنم ڏنو، ڊاڪٽرن مبارڪون به ڏنيون، اڌ ڪلاڪ بعد ڊاڪٽرن ٻڌايو ته علوينا دل جي دوري سبب فوت ٿي وئي آهي ناري جي وارثن پاران اسپتال عملي ۽ ڊاڪٽرن سان منهن ماري، ليڊي ڊاڪٽر روزينا آگرو تي غفلت جا الزام پڻ هنيا ويا، ناري جي وارثن چيو ته جيڪڏهن ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ته اسان کي ڇو نه ٻڌايو ويو، ظلم ڪيو ويو آهي، وڏو وزير نوٽيس وٺي انصاف ڪري، ڪنڊيارو پوليس جي ليٽر بعد ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم شروع ڪيو ويو