مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، جاري، 3 ڄڻا گرفتار

مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، جاري، 3 ڄڻا گرفتار

مورو(جاني جماڻي)ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر پاران منشيات فروشن جو گھيرو تنگ ايس ايڇ او مورو پاران پوليس نفري ساڻ ڪري ڳجھي اطلاع تي منشيات فروشن خلاف الڳ الڳ ڪاروائيون ڪندي ٽن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو آھي جن ۾ نالي سيد ڏنل شاھ عرف سيد روشن شاهه ولد بچل شاهه کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن کان 550 گرام چرس پڻ ريڪور ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي.جڏھن ت ٻئي پاسي الڳ ڪاروائي ڪندي ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر پاران ڇاپو ھڻي نالي نثار نول ولد علي گل ۽ حيدر علي عرف علي ڪلھوڙو ولد اياز علي کي چرس سميت گرفتار ڪندي 220 گرام چرس پڻ برآمد ڪري مٿن منشيات ايڪٽ تحت مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو آھي انھي موقعي تي ايس ايڇ او چيو آھي ت منشيات فروشن نوجوانن جون زندگيون تباھ ڪري ڇڏيون آھن ۽ منشيات ناسور بڻجي معاشري کي اڏوهي جيان کائي رھي آھي جنھن سبب ڪيترائي نوجوان ۽ معصوم ٻارڙا پنھنجون زندگيون وڃائي ويٺا آھن منشيات فروشن خلاف اسان سڀني کي قانوني جنگ گڏجي وڙهڻ گھرجي ھن چيو ت شھرين کي پوليس جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ گھرجي ۽ منشيات فروشن خلاف اسان جو ساٿ ڏئي منشيات جھڙي ناسور کي ختم ڪرڻ ۾ اڳتي اچي پوليس جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ گھرجي ت جيئن اسان پنھنجي ايندڙ نسل کي منشيات کان بچائي سگھون