English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان ٻارهين جماعت جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا
47 views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو (بيورو)لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا، تعليمي بورڊ جي امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل ۽ پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ 43299 اميدوارن حصو ورتو جن مان 34702 اميدوار پاس ۽ 8835 اميدوار فيل ٿيا اهڙي طرح پري ميڊيڪل ۾ پاس شاگردن جو تناسب 80.21 سيڪڙو ۽ پري انجنيئرنگ ۾ پاس شاگردن جو تناسب 78.11 سيڪڙو رهيو جاري ڪيل نتيجن موجب ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل گروپ جي شاگردن ۾ زيبسٽ اسڪول اينڊ ڪاليج جي شاگرد علي ڪلهوڙو 1018 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد علي رضا لاشاري 1016 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ۽ ساڳي ئي ڪاليج جي شاگرد عبدالمعيد 1015 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي شاگردياڻين ۾ شهيد بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي فاطمه علي ڪناسرو 1019 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڪاليج قمبر جي شاگردياڻي صدره نور رند 1018 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي اقرا موريو ۽ بيگم نصرت ڀٽو گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي اڪليمان شهاب مڱڻ 1016 مارڪون کڻي گڏيل طور ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي پري انجنيئرنگ گروپ جي شاگردن ۾ دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻي جي شاگرد محمد شاويز شيخ 1012 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگرد ابرار الحسن چانڊيو 1010 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ۽ ساڳي ئي ڪاليج جي عبدالڪريم منيب مڱريو 1008 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي شاگردياڻين ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي انشره فاطمه قريشي 1006 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلس ڪاليج شڪارپور جي شاگردياڻي رباب انمول ميمڻ 1005 مارڪون کڻي ٻي پوزيشن ۽ گورنمينٽ گرلس ڪي جي هائير سيڪندري اسڪول جيڪب آباد جي شاگردياڻي ثانيه 1004 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لاڙڪاڻو
ٻارهين جماعت جي پري ميڊيڪل
0 تبصرے