ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گسٽا، پ ٽ الف ۽ بين استاد تنظيمن جي سڏ تي مظاهرا

استادن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سنڌ حڪومت خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گسٽا، پ ٽ الف ۽ بين استاد تنظيمن جي سڏ تي مظاهرا

ملير(رپورٽر) حڪومت جي ملازم دشمن پاليسين ۽ پينشن بابت نئين قانون خلاف سڄي سنڌ ۾ استادن جو احتجاجي سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس، گسٽا ۽ پ ٽ الف سميت ٻين استاد تنظيمن گڏيل طور تي احتجاج ڪيو.احتجاج ۾ شامل اڳواڻن عبدالجبّار ککراڻي، حاجي اشرف خاصخيلي، پ ٽ الف ڪراچي ڊويزن جو صدر انور بلوچ، ملير پ ٽ الف جو صدر غلام سرور گورگيج ۽ گڏاپ ٽائون پ ٽ الف جو صدر وڏيرو اعزاز جوکيو پڻ شامل هئا. هنن پنهنجي هزارين ساٿين سان گڏجي تعليمي ادارن ۾ تدريس دوران هٿن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي حڪومت جي فيصلن خلاف سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو.گڏاپ ٽائون پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن (پ ٽ الف) جو صدر وڏيرو اعزاز جوکيو چيو ته حڪومت پينشن ختم ڪري ملازمن جو مستقبل اونداهو ڪري رهي آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي. ان ئي سلسلي ۾ تعليمي ادارن ۾ تدريس دوران احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.ملير پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن جو صدر غلام سرور گورگيج چيو ته هي صرف شروعات آهي، جيڪڏهن حڪومت استادن جي مطالبن کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ته اسان وڌيڪ سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين.ان موقعي تي احمد دائود اسڪول جي پرنسپل عبدالجبّار ککراڻي وڌيڪ چيو ته حڪومت پينشن ختم ڪري ملازمن جو مستقبل اونداهو ڪري رهي آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پينشن جو پراڻو قانون بحال ڪيو وڃي ۽ مهانگائي الاؤنس ۽ ڊيرنس الاؤنس جاري ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙ اڳواڻن حڪومت کي هڪ هفتي جو الٽيميٽم ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. حاجي اشرف خاصخيلي پنهنجي بيان ۾ حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي صرف شروعات آهي، جيڪڏهن حڪومت استادن جي مطالبن کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو ته اسان وڌيڪ سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سڄي صوبي جي استادن طرفان قلم ڇڏ هڙتال ۽ سنڌ اسيمبلي جي سامهون هڪ وڏو ۽ تاريخي ڌرڻو به شامل ٿي سگهي ٿو. هنن عهد ڪيو ته اسان پنهنجا حق وٺڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين