ميرپورساڪرو ويجهو اسڪول جي عمارت زبون حال، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد زخمي

ڳوٺ محمد سليمان بازي بلوچ جي پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد منظور بلوچ زخمي ٿي پيو

ميرپورساڪرو ويجهو اسڪول جي عمارت زبون حال، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب استاد زخمي

ٺٽو (ڊ ر) ميرپورساڪرو جي يوسي گھگھي جي ڳوٺ محمد سليمان بازي بلوچ جي پرائمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ استاد زخمي ٿي پيو،ڳوٺاڻو محمد عثمان بازي بلوچ، استاد منظور احمد بلوچ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اسڪول ھلندڙ ھو ٻار پڙهائي ۾ مصروف هئا ته اوچتو ڇت جا چاپڙ ڌماڪي سان ڪري پيا، جنھن ڪري ٻار رڙيون ڪري ڪلاسن مان ٻاھر نڪري آيا، ڳوٺاڻن چيو ته ڪافي سالن کان اسڪول زبول حال آهي ڪافي ڀيرا اسان تعليم کاتي کي شڪايتون به ڪيون آهن پر اڄ تائين ڪو به تدارڪ نه ڪيو ويو، اڄ بارڙن جي پڙهائي وقت اسڪول جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن سبب شاگرد معجزانا طور بچي ويا پر استاد منظور احمد بلوچ سخت زخمي ٿي پيو.ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته تعليم سان لاڳاپيل اختياريون کي نوٽيس وٺي ڳوٺ محمد سليمان بازي بلوچ جي پرائمري اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن ٻارڙن کي تعليم ڏئي سگهجي