ملير ۾ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي سالگرهه جي تقريب

تقريب دوران شهيد بشير خان قريشي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، کيس زبردست ڀيٽا پيش

ملير ۾ جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي سالگرهه جي تقريب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي 66هين سالگرهه تقريب جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو) جي ميزباني هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ملهايي ويئي تقريب ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ الاهي بخش چاچڙ، ڪراچي جي ضمير حاجاڻو، ملير جي فيض سنڌي، جسقم شھيد بشير خان قريشي جي وهاب سنڌي، سماجي اڳواڻ اقبال ڪلمتي، سنتوش ڪمار ڀيل ۽ پارٽي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شهيد بشير خان قريشي کي زبردست لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي ويئي ان موقعي تي خطاب ڪندي الاهي بخش چاچڙ چيو ته بشير خان قريشي سنڌ جي آزادي ۽ حقن لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي، هن جي فڪر ۽ جدوجهد کيس سنڌي قوم جو وڏو بڻايو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي بشير خان جي سوچ کي پنهنجو ڪرڻ گهرجي ۽ سياسي سچائيءَ سان جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ته جئين پاڻ آجپو حاصل ڪري سگهون ضمير حاجاڻو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بشير خان قريشي رڳو هڪ اڳواڻ نه پر سنڌ جي مظلوم عوام جي آواز جو نالو هو سندس شهادت سان جدوجهد رڪجي نه سگهي آهي بلڪ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌرتي ڌڻين جو حق تسليم ڪيو وڃي هن چيو ته جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ قومي حقن جي جدوجهد ۽ بشير خان جي مشن کي جاري رکيو اچي جسقم شھيد بشير خان قريشي جي اڳواڻ وهاب سنڌي خطاب ڪندي چيو ته بشير خان قريشي جو فڪر سنڌي سماج جي بقا ۽ سڃاڻپ سان جڙيل آهي، ۽ اهڙن اڳواڻن جي ياد کي زنده رکڻ سان ئي ايندڙ نسلن کي جدوجهد لاءِ حوصلو ملندو تقريب کي سينيئر صحافي سامي ميمڻ، سنتوش ڪمار، اقبال ڪلمتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو