عمرڪوٽ پريس ڪلب جي باني صدر پير ڏان سنگهه سوڍو جي ورسي ملهائي وئي

ڇور پريس ڪلب ۾ پيرڏان سنگهه سوڍو جي سترهين ورسي تي تقريب منعقد ڪئي وئي

عمرڪوٽ پريس ڪلب جي باني صدر پير ڏان سنگهه سوڍو جي ورسي ملهائي وئي

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڇور ماھر تعليم سماج سڌارڪ سنڌ جي عاشق عمرڪوٽ پريس ڪلب جي باني صدر پيرڏان سنگھ سوڍو جي سترھين ورسي جي تقريب پيرڏان سنگھ يادگار ڪاميٽي طرفان ڇور پريس ڪلب ۾ ملھائي وئي جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي لطيف جي پارکو ۽ نوجوان ليکڪ جام اقبال انڙ چيو تـ پيرڏان سنگھ ڌرتي جو سچو ۽ کرو عاشق ھو ھن پنهنجي پوري زندگي مختلف حوالن سان انمول ڪردار ادا ڪيا تنهن ڪري اڄ سنھري لفظن سان ياد ڪيو پيو وڃي نوجوان ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ سردار ڀيو چيو تـ پيرڏان سنگھ استاد صحافي سماج سڌارڪ ھجڻ سان گڏ انسان ذات سان محبت ڪندڙ سچو محب وطن ھو سائين جي نالي سان لئبريري قائم ٿيڻ گھرجي ڪپئير ۽ سماجي ورڪر استاد جاويد ڪنڀر چيو تـ پيرڏان سنگھ جھڙا خوبصورت ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو ھئا سائين جو پ ٽ الف اندر رول ماڊل ڪردار رھيا جنهن ڪري سندس اولاد کي عزت ۽ مان ملي ٿو ليکيڪ مڪيش بارٿاڻي چيو تـ پيرڏان سنگھ ھڪ دؤر جو ھيرو ھو جنهن عمرڪوٽ پريس ڪلب جي عمارت ورتي ۽ پريس ڪلب جو آئين ٺاھيو مشڪل وقت ۾ صحافت ۽ ڌرتي سان عشق ھجڻ جي سچائي ڏيکاري اڳوڻو تعلقـ ايجوڪيشن آفيسر مراد علي مڱريو چيو پيرڏان سنگھ علائقي ۾ تعليمي شعور سان گڏ قومي ۽ سماجي جاگرتا پيدا ڪري پنهنجو خاص مقام ٺاھيو صحافي جگت ڏان چارڻ چيو ته پيرڏان سنگھ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھو سائين جي زندگي تي شعور رکندڙ دوست ڪتاب ڇپائڻ لاء ڪردار ادا ڪن پ ٽ الف جي ضلعي صدر رتن سنگھ چيو تـ بابا سائين پ ٽ الف ۽ سماج سڌارڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ھو جنهن جو ڦل اسان کي اڄ وڏي مان ۽ عزت سان ملي رھيو آهي شاعر فقير محسن چيو تـ سوڍا سنڌ ڌرتي جا سپوٽ پٽ آهن پيرڏان سنگھ انھن مان ھڪ آهي جنهن ڪري بھترين لفظن سان اڄ ياد ڪيو وڃي پيو پيرڏان سنگھ جي پٽ سينئر صحافي پرٿوي سوڍو چيو تـ پيرڏان سنگھ ھڪ والد سان گڏ منهنجو سٺو استاد ۽ محسن رھيو مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ نصيحت ڪئي تـ صحافت جي قلم کي سچ لاء استعمال ڪجان ھو وڻن پکين جانورن ۽ سنڌ ڌرتي سان عشق ڪندڙ انسان ھو تقريب کي اڌيسنگھ سوڍو چيو تـ پيرڏان سنگھ راجپوتي ريتن جو رکوالو ۽ ھميشـ اسان جي رھنمائي ڪندڙ اعلي ڪردار جو مالڪ ھو جنهن پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن کي ڏک ۽ تڪليف نـ ڏني تقريب کي نورسنڌي جانباز وساڻ ساگر شاھد ساجن ڀنڀرو وفا درجن سروپ سنگھ عمر اعجاز کيت سنگھ لالجي سوڍو خدابخش ڪنڀر ساگر زاھد ۽ ٻين پيرڏان سنگھ جي زندگي تي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي ته رتن سنگھ مٺاخان ڀنڀرو وجندر سوڍو قربان منڱريو رميش ديشي شوڪت اللهبچايو انڙ انورسنگھ اڌي سنگھ ڪائونسلر احسان منڱريو ڄيٺمال سنگھ ربنواز ڪنڀر شعيب ڪنڀر ڪامريڊ اعجاز نھڙي ڊاڪٽر سوائي سنگھ مھاوير سوڍو مڌن سنگھ لجپت مھيشوري ڀرت مھيشوري نريندرسنگھ دليپ سوڍو ارجن ڪمار جيپال سوڍو امتياز منڱريو شميرسنگھ شيطان سنگھ ۽ ٻين ورسي ۾ شرڪت ڪئي