محمد اسلم جوکيو ۽ ٻين پاران طرفان معرقه حق جي عنوان هيٺ تقريب
ٺٽو( ڊر)جنگشاهي پريس ڪلب پاران پير غلام حسين شاھ ۔عبدلرحيم جوکيو۔ محمد اسلم جوکيو طرفان معرقه حق جي عنوان هيٺ پاڪستان جي 78هين جشن آزادي جو ڏيهاڙو پرجوش ۽ محبت سان ملهايو ويو تقريب جو آغاز ڪلام الاهي سان ڪيو ويو جنهن بعد رانا محمد اقبال وقت جي عڪاسي ڪندي ٽيبلو پيش ڪيو ان موقعي تي سينئر استاد ليمان خان جوکيو عبدالقادر شيخ جمع خان جوکيو قادربخش پيراڻي حافظ صادق مڱسي ڪامريڊ شفيق جوکيو منير بروهي ميرحسن جوکيو وڏيرو عالم خان جوکيو معيز رىوف بروھي ۽ ٻين پاڪستان جي سالميت ۽ آزادي لاء ڏنل قربانين تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪري پاڪستان زندا باد پاڪ فوج زندا باد جا زوردار نعرا ھنيا هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي ملڪ ۾ سرڪار پاران ننڍا توڙي وڏا پروگرام ڪري يوم آزادي تي وطن عزيز سان محبت جو اظهار ڪيو ويوجڏهن ته جنگشاهي ڪوهستان پوئتي پيل علائقو آهي جيڪو سرڪار کان هميشه جيان اڄ به وسري ويوياد رهي ته جنگشاهي 7ڀاڱي3 ۽ 7ڀاڱي 4 ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي ٻن يوسيز جي ماهوار بجيٽ 24 لک رپيا آهي جيڪا سموري رقم ٻنهي چيرمينن جي عياشين ۾ خرچ ٿئي ٿي جنگشاهي ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ ڪيترن مهينن کان پاڻي سميت ٻيون بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن پر مڪاني ادارن تي قابض چيرمين ۽ ڪائونسلر اقتدار جي نشي ۾ ڌت آهن هن ڀيري ٻنهي يوسيز جي چيرمينن پاران جشن آزادي جي موقعي ڪو به پروگرام نه ملهايو ويو عوام ۾ سخت مايوسي ڇانيل
0 تبصرے