English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: بااثرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو شڪار ٿيل نوجوان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل، ڪيس داخل
views
|
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان مال جي وٿاڻ وٽ ستل شير جماري کي هٿياربند قتل ڪري فرار
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)گذريل رات جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان مال جي وٿاڻ وٽ ستل حالت ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب ملاڪاتيار واسي نوجوان ڌنار شير جماري قتل ٿي ويو.واقعي جو ڪيس جهمپير ٿاڻي تي مقتول جي سئوٽ جُمن جماري جي فرياد تي قلم 302، 506، 114 ۽ 34 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ پالاري برادري جا پنج جوابدار ــ صدر پالاري، رحمان پالاري، نور حسن پالاري، محرم پالاري ۽ پيارو پالاري ــ کي نامزد ڪيو ويو.ياد رهي ته مقتول شير جماري کي ٻه هفتا اڳ مبينا طور کنڀي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سندس تذليل ڪندڙ وڊيوز به وائرل ڪيون ويون هيون، جنهن کانپوءِ وارثن ساڳين جوابدارن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو هو.ايس ايس پي ٺٽو فاروق بجاراڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او جهمپير امير بخش کوسو کي ڪارروائي لاءِ هدايتون جاري ڪيون. پوليس جهمپير، نوري آباد ۽ ميٽنگ وارن علائقن ۾ ڇاپا هڻي ٽن مُک جوابدارن ــ صدر پالاري، پيارو پالاري ۽ رحمان پالاري ــ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان فائر ٿيل پسٽل جو خول به هٿ ڪيو ويو.ابتدائي جاچ دوران جوابدارن اعتراف ڪيو ته مقتول سندن مٿان ٻڪريون چوري ڪرڻ جو الزام هنيو هو، جنهن تي پهريان کيس تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ قتل ڪيو.ابتدائي پوسٽ مارٽم ۾ پڻ تصديق ٿي آهي ته مقتول جي موت جو سبب کيس پٺن ۾ لڳل گولي هئي، جيڪا آرپار ٿي وئي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن
0 تبصرے