ڏوڪري جي ڀٽائي پاڙي واسي نينگر 7 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارث پريشان

15ورهين جو صغير والد محمد سومر ميمڻ 7ڏينهن اڳ گهران دڪان تي وڃڻ بعد واپس نه موٽيو: وارث

ڏوڪري جي ڀٽائي پاڙي واسي نينگر 7 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارث پريشان

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري جي ڀٽائي پاڙي جو معصوم ٻارڙو پراسرار نموني گم، وارثن پريشانين ۾ مبتلا تفصيل موجب ڏوڪري جي ڀٽائي پاڙي جي رهواسي محمد سومر ميمڻ جو ستن ورهين جو نينگر صغير ميمڻ پراسرار نموني گم ٿي ويو وارٽن پاران ڳولا ڪرڻ باوجود به پتو پئجي نه سگهيو آهي ان موقعي تي پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جي پي محمد سومر ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس جو 15 ورهين جو نينگر ست ڏينهن اڳ گهران شي وٺڻ لاءِ نڪري ويو هو جيڪو واپس ناهي موٽيو. هن وڌيڪ چيو ته نينگر جي ڳولا ڪرڻ باوجود به ڪٿي به پتو پئجي نه سگهيو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.