حاجي محمد انور ڪرناڻي شهيد شفيع محمد ڪرناڻي ۽ انجنيئر اقبال ڪرڻي جو ڀاءُ هو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)سنڌ جي اڳوڻي قومپرست اڳواڻ شھيد شفيع محمد ڪرناڻي ۽ انجنيئر اقبال احمد ڪرناڻي جن جو ڀاءُ ۽ منور ڪرناڻي جن جو والد جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ حاجي محمد انور ڪرناڻي ڪجھ وقت بيمار رھڻ بعد ٺٽي لڳ پنھنجي ڳوٺ صالح محمد ڪرناڻي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ڳوٺ ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ ھزارين آلين اکين جي مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو، سيد پاشا شاھ شيرازي، شبير جمالي، حاجي خير محمد بروھي، وين ٽرانسپورٽ، وين سروس ضلعي ٺٽي جو صدر شاھجھان بروھي، صحافي اقبال جاکرو، صحافي محمد ايوب ملاح، صحافي صديق ميمڻ، صحافي محبوب بروھي، حاجي حنيف ميمڻ، حاجي پير بخش بروھي، خدابخش بڪڪ، شاھنواز لوھار، عمران خشڪ، محمد خان ملاح، ڀورو سرڪي، حاجي سومار گندرو، محمد حسن سولنگي، الھجڙيو برفت، عبدالغني قريشي، ڏونگر ڀنڀرو، فاروق پليجو سميت ھزارين ماڻھون شريڪ ھئا. سندس تڏو سندس ڳوٺ ۾ وڇايو ويو آھي، جتي سندس پونئيرن سان تعزيتن جو سلسلو جاري آھي، ٻئي طرف جيئي سنڌ تحريڪ مرڪز پاران جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حاجي محمد انور ڪرناڻي جي وڇوڙي تي 10 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.
0 تبصرے